بيروزگاري کان تنگ معذور پاران خودڪشي جي ڪوشش

نوابشاهه (اي ڪي ڏاهري) بيروزگاري ۽ ٻچن جي فاقه ڪشي ڏسڻ کان موت بهتر آهي، سڪرنڊ واسي معذور حافظ عبدالڪريم چانڊيو مسلسل معذور ڪوٽا تحت نوڪري جي حاصلات لاءِ حد جي ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، ايم اين اي سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ڊپٽي ڪمشنر آفيس نوابشاهه جا چڪر ڪاٽڻ بعد مايوسي ٿي پنهنجي چئن نياڻين ۽ ٽن پٽن کي ساڻ ڪري نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران پهتو ۽ احتجاج دوران اوچتو بجلي جي ٽرانسفارمر واري پول تي چڙهي ويو ته هيٺ سندس گلن جهڙا ٻارڙا اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري بابا کي بچايو اسان کي بچايو چوندا رهيا. صحافين ۽ شهرين بجلي جي پول تي چڙهي جذبات ۾ گهيريل معذور نوجوان کي هيٺ هلڻ لاءِ منٿون ۽ ايلاز ڪندا رهيا اهو منظر ڏسي نوابشاهه پريس واري روڊ تي ٽريفڪ جام ٿي وئي. اطلاع ملڻ تي اي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او رشيد ميمڻ ۽ ٻيا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتا.

انهيءَ موقعي تي ميڊيا آڏو بيوسي جا لڙڪ لاڙيندي معذور نوجوان عبدالڪريم چانڊيو چيو ته گذريل ڏهن سالن کان وٺي مان معذور ڪوٽا تحت ڪنهن به معمولي سرڪاري نوڪري جي حاصلات لاءِ پنهنجي تڪ جي ايم اين اي غلام مصطفيٰ شاهه، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوابشاهه جي آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيو آهيان، غربت ۽ افلاس سبب منهنجا ست گلن جهڙا ٻارڙا اڪثر رات جو بکيا سمهي  رهن ٿا نه انهن کي تعليم ڏياري سگهان ٿو نه ئي عيد برات جي موقعي تي انهن کي نوان ڪپڙا وٺي ڏئي سگهان ٿو اهڙي زندگي کان موت بهتر آهي. هن چيو ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان مخاطب ٿيندي چيو ته تون تبديلي ۽ انصاف جون ڳالهيون ٿو ڪرين ۽ تنهنجي پيءَ آصف زداري جي شهر جو مان بنيادي جيالو معذور هئڻ باوجود سرڪاري روزگار کان محروم آهيان، اوهان جو دعوائون ۽ اوهان جا واعدا غريب جو پيٽ نٿا ڀري سگهن. هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري سندس احتجاج جو نوٽيس وٺي سرڪاري نوڪري نه ڏياري ته هو ٻارڙن سميت ٻيهر آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو جنهن جي ذميواري حد جي چونڊيل نمائيندن ۽ ضلعي انتظاميه تي هوندي. جڏهن ته آپگهات ڪندڙ سڪرنڊ واسي معذور حافظ عبدالڪريم چانڊيو کي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ٻارڙن سميت کڻي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو