بن قاسم ڦاٽڪ وٽان عورت جو گوليون لڳل لاش هٿ

ملير(ن س) بن قاسم ريلوي ڦاٽڪ وٽ ھڪ عورت جو ڳوليون لڳل لاش ھٿ آيو آهي. بن قاسم پوليس موقعي تي پھچي لاش کي پوسٽ مارٽم لاء جناح اسپتال منتقل ڪيو. عورت کي ڳوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آهي. عورت جي سڃاڻپ سرداران زال رشید جي نالي سان ٿي آھي. قتل ٿيندڙ عورت داؤد چورنگي قائدآباد جي رھواسيڻ ٻڌائي پئي وڃي. پوليس مطابق واقعو ذاتي دشمني جو لڳي رھيو آھي پر پسٽ مارٽم رپورٽ کانپوءِ جاچ ۾ اصل خبر پوندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو