بنگلاديش ۾ سول نافرماني، فساد جاري، مارجي ويلن جو انگ 300 ٿي ويو

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ۾ شيخ حسينه واجد جي حڪومت خلاف شاگردن جي سول نافرماني واري تحريڪ ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌڻ لڳو،پرڏيهي خابرو اداري موجب اڄ کان شروع ٿيندڙ سول نافرماني واري تحريڪ ۾ پوليس اهلڪارن سميت مارجي ويلن جو انگ 300 ٿي ويو آهي ۽ ڪيترائي زخمي به ٿي پيا آهن.مقامي ميڊيا موجب عوامي ليگ جي ڪارڪنن ۽ مظاهرين وچ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي جهيڙا ٿيا آهن، عوامي ليگ جا ڪارڪن پوليس جي مدد سان مخالفن تي حملا ڪري رهيا آهن. مظاهرين حڪمران پارٽي جي آفيسن ۽ گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.بنگلاديشي ميڊيا موجب ڪيترن ئي ڌماڪن ۽ گولين جا آواز پڻ ٻڌا ويا.احتجاجن کي نظر ۾ رکندي حڪومت ملڪ ۾ موبائيل انٽرنيٽ سروس ۽ فيس بڪ بند ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سومر کان اربع تائين موڪل جو اعلان ڪندي حڪومت اڄ شام 6 وڳي کان غير معينه مدت تائين ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب بنگلاديش ۾ گذريل مهيني شروع ٿيندڙ ڪوٽا سسٽم خلاف شاگردن جي احتجاج ۾ هينئر تائين 300 ڄڻا مارجي ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب گذريل احتجاجن جي برعڪس پوليس ۽ فوج اڄ ڪجهه مظاهرن ۾ مداخلت نه ڪئي ته مظاهرين کي منتشر ڪيو وڃي.بنگلاديش جي اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف اقبال ڪريم اڳوڻي فوجي آفيسرن جي نمائندگي ڪندي پنهنجي بيان ۾ مطالبو ڪيو ته حسينه واجد جي حڪومت فوج کي واپس گهرائي شاگردن کي احتجاج جي اجازت ڏئي.ٻئي طرف ڪالهه اربع ڏينهن فوجي جوانن کي خطاب ڪندي بنگلاديش جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل وقار الزمان چيو آهي ته فوج هميشه عوام سان گڏ بيٺي آهي ۽ رهندي.هن فوج کي هدايت ڪئي ته عوام جي جان و مال ۽ اهم سرڪاري تنصيبات جي حفاظت کي هر قيمت تي يقيني بڻايو وڃي.ان حوالي سان بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته روڊن تي احتجاج ڪندڙ شاگرد دهشتگرد نه آهن جيڪي ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ نڪتا آهن.شيخ حسينه واجد چيو ته هو پنهنجي وطن وارن کي اپيل ڪري ٿي ته انهن دهشتگردن کي ڪچليو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو