لاهور(ويب ڊيسڪ)ايشيا ڪپ شروع ٿيڻ کان اڳ بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم کي وڏو ڌڪ لڳي ويو،بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين لتن داس وائرل بخار کان ڇوٽڪارو حاصل نه ڪري سگهيو، بخار سبب ايشيا ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.انعام الحق کي ان جي جاءِ تي ايشيا ڪپ لاءِ بنگلاديش جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.انعام الحق اڄ سريلنڪا ۾ اسڪواڊ جوائن ڪندو.
