بنون: (ويب ڊيسڪ) بنون ۾ پوليس جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جي دوران 8 خوارجي دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.سينٽرل پوليس آفيس(سي پي او) موجب بنون ۾ ميريان ٿاڻي جي حد ۾ صبح سوير پوليس ۽ سي ٽي ڊي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو، انهي دوران دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي به ٿيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين موجب دهشتگردن جي چرپر نگراني جي لاءِ جديد ڊرون ۽ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي، آپريشن جي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 8 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ ۽ ڪيترن جي زخمي ٿيڻ جون رپورٽون آهن. جڏهن ته آپريشن جي دوران 10 ڪلو گرام وزني ديسي ساخته بم به هٿ آيو جنهن جي موقعي تي ئي ناڪاره بنايو ويو.ٻئي طرف آءِ جي خيبرپختونخواهه ذوالفقار حميد چيو ته فتنته الخوارج ۽ امن دشمن عناصر جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون، خيبرپختونخواهه پوليس عوام جي جان، مال جي حفاظت لاءِ فرنٽ لائن تي بيٺل آهي، دشمن جي هر وار جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.










