بنون جي صورتحال کان آگاهه، حملي آور قبضو ختم ڪن: آمريڪا

بنون جي صورتحال کان آگاهه، حملي آور قبضو ختم ڪن: آمريڪا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جو چوڻ آهي ته بنون جي صورتحال کان آگاهه آهي، جارحين تي زور ڀريو ته هو قبضو ختم ڪن.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان آمريڪا جو اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي، شدت پسندن خلاف ڪارروائي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي آمريڪا جا ڀائيوار آهن، آمريڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ هاڪاري ڳالهيون ڏسڻ چاهي ٿو، ٻنهي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي گڏجي ڪشمير تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو