بند پوسٽ آفيس کولرائي وڃي،نوجوانن جو احتجاج

ڪوٽڙي ڪبير(پرويزحسين ڀنڊ) تنيا بقاشا ۾ تنيا برادري جي  پوسٽ آفيس ختم ڪرڻ خلاف نوجوان اتحاد پاڪستان جي مرڪزي صدر ماجد علي تنيو، جنرل سيڪريٽري مجيب الرحمٰن تنيو، نائب صدر لطيف تنيو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ ڪيتري عرصي کان وٺي پوسٽ آفيس بند پيل آهي گذريل 30 سالن کان وٺي تنيا بقا شاھ ۾ پوسٽ آفيس هئي، جتي عام ماڻھن کي تمام وڏي سهولت هوندي هئي پر موجوده گورنمينٽ اسان عوام سان ناانصافي ڪري رهي آهي  تنيا بقا شاھ مان پوسٽ آفيس بند ڪري ڇڏي آھي ، جيڪا سراسر زيادتي آھي، هنن اعلى حڪام کان مطالبو ڪيو ته مذڪوره پوسٽ آفيس کولرائي ڏني وڃي نه ٻي وصرت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو