بنا خرچ وارو نظام ناڪارا، پئسا ڏئي پريشاني خريدڻ ۾ مزو؟

ڊرگھه بالا (رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ ) ٻه ڏھاڪا اڳم سنڌ جي مخلتف علائقن جيان ڪاڇي جي مختلف شهرن، وسندين ۽ واهڻن ۾ کوٽيل کوهن مان نار ذريعي زمينون آباد ڪرڻ پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪرڻ وارو طريقو ناڪاره ۽ ماضي جي تاريخ پيو بڻبو وڃي. جديد مشينري، سولر سسٽم ۽ بجلي سبب انتهائي فائديمند ۽ بنا خرچ واري پراڻو سسٽم سئو  مان پنجانوي فيصد ختم ٿي چڪو آهي. مشينري ماڻهن مان ڄڻ تي محنت ۽ محبت کي ناپيد ڪري ڇڏيو آهي. ڪاڇي جوعلائقو جتي ٻه ڏھاڪا پهرين زمينن جي آبادين ۽ پيئڻ جي پاڻي حاصل ڪرڻ وارو طريقو نار سسٽم پنهنجي پُڄاڻي تي پهچي ويو آهي.

کوهن مان پاڻي ڀريو ويندو هو ، فوٽو سنڏيار

جڏھن اسُر ويل سردين يا گرمين جي موسم ھُجي هتان جا پورهيت هاري پنهنجا ڏاندن جا جوڙا نار ۾ جوٽي الله توهار جي پُڪار سان پنهنجي روزي رزق جو آغاز ڪندا هُئا. نار جي ڳاڌي ۾ پنهنجن ڍڳن کي جوٽي ويهي پهرن جا پهر انهن کي هڪليندا هئا ۽ پوکيل پنهنجي فصلن کي پاڻي ڏيندا هئا. ننڍين ننڍين ٺھيل ٻارين ۾ ڇٽيل ٻج کي خبرداري، محنت ۽ نگهداشت سان سياري جي سرد راتين ۾ اوجاڳا ڪاٽي نار وسيلي پاڻي ڏئي پچائي تيار ڪري وٺندا هئا. ان پاڻي منجهان پچي تيار ٿيل اناج سميت ڪاڇي جون لذيذ ڀاڄين جي هند، توڙي سنڌ ۽ مُلڪان مُلڪ هاڪ هوندي هُئي. اڍائي کان پنج چورس ميٽرن تائين ٺاهيل ننڍڙين ٻارين کي هتان جا هاري ٻارنهن مهينن تائين هنن کي ڏاندن ذريعي هر ۽ ڪيڻ سان محنت ڪري سنوت ۾ آڻي فصل ۽ ڀاڄيون پوکيندا ھُئا، گند گاھ کان محفوظ رکڻ لاءِ ۽ زمينن مان جهجهي پيداوار کڻڻ لاءِ ھُو اڳواٽ چوپائي مال جو ڀاڻ اُڇلائي ڇڏيندا هُئا، پوء پچي تيارٿيل ڀاڄين کي علائقي جي سبزي فروشن کي وڪڻي پنهنجن گهرن جو خرچ ۽ ڏاندن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪندا ھُئا، بغير سرڪاري دوائن، ڪلرن يا ڀاڻ، تي تيار ٿيندڙ  ڀاڄين ۾ جيڪو سواد هو هاڻي اهو سواد ناهي رهيو. ان ٽائم اگھن جي حساب سان ڀاڄيون تمام سستيون هونديون هيُون، علائقي جا رهواسي گڏھن تي چڙھي سئو پنجاھ روپين ۾ ڀريون ڀري کڻندا هئا، انهن ڀاڄين جو سواد ۽ ذائقو الائي ته ڇا هوندو هو پر هاڻي خرچ مهانگا سهولتن جي اڻاٺ، کوهن مان پاڻي سطح گهٽجي وڃڻ ڏاندن ذريعي هر ڪيڻن بجاءِ ٽريڪٽرن ذريعي زمينون کيڙڻ وارو طريقو متعارف ٿيڻ سان سموريون هارپي جو پراڻيون ريتون رسمون هن مهل پڄاڻي تي پهچي چُڪيون آھن. سمورو نظام بجلي اچڻ سان تبديل ڪيو ويو، ڏاندن ۽ اُٺن ذريعي کوهن مان پاڻي ڪڍڻ,بجاء ھاڻي ساڳين کوهن مٿان مشينري سسٽم ٽيوب ويلون ۽ بجلي جا موٽر لڳي وڃڻ ڪري پراڻن ريتن ۽ رسمن جو قدر ۽ قيمت بلڪل گهٽجي ويو آھي. جيڪي زمينون بنا ڪنهن خرچ جي آباد ڪري هاري فصل ۽ پوکون ڪندا هئا مهانگائي سبب پورهيت طبقو هاڻي پريشان آهي. نار وارو نظام ڪاڇي واسين جو انتهائي عجيب طريقو هو، کوٽيل کوهن مٿان ڪاٺ جا چورس چڪرا هڻي  چڪرن مٿان واڻ جون واڍون  ھڻي جنهن کي مالھه يا مالها به چيو ويندو هو انهي مالھ ۾ ٺڪر جون لوٽيون، دٻا ٻڌي پوءِ اڪثر ڳوٺن جا رهواسي انهن نارن ۾ ڳاڌيون هڻي پاڻ ڇڪيندا ۽ پاڻي ڪڍندا هئا. جڏھن ته زمينن جي آبادي وارن نارن تي ڏاندن ۽ اُٺن کي جوٽيو ويندو هو. نارن وارن کوهن جي زوال جا ڪُجھه اهم سبب علائقي مان وڻن جو بلڪل ختم ٿي وڃڻ، برساتن جو نه پوڻ ، جر جو پاڻي گهٽجي وڃڻ ٻڌايو پيو وڃي. قديمي کوٽيل کوهن مان رهواسين پاڻي ڀرڻ ڇڏي ڏنو جيڪي از خود کارا ٿي ويا ۽ هاڻي ته انهن کوهن منجھه ڳوٺاڻن گهرن جو گند ڪچرو اڇلڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي.

کوهه لٽجي رهيا آهن، فوٽو سنڏيار

کوهن جي حوالي سان علائقي جي وڏي عمر ۽ ڄاڻ رکندڙ ماڻھن سان رابطي ڪرڻ بعد رهواسي محمد لائق سرهيو، محمد رمضان برهماڻي، هاشم لانگاھ، دين محمد ڀرڳڙي، علي محمد چانڊيو ، عبد الله ٻٻر، غلام نبي گرماڻي، محمد بخش لغاري ۽ ٻين ٻُڌايو ته کوهن وارو پاڻي علائقي واسين لاء وڏي نعمت هئي جنهن ۾ اڻ کُٽ پاڻي هوندو هو سالن تائين برسات نه پوڻ سبب به هنن ۾ پاڻي جي سطح ساڳي هوندي هئي، کوھ تان پاڻي ڀرڻ سان گڏو گڏ ماڻھن ۾ محبت ڀائيڇارو ۽ ميلاپ هوندو هو، جتي هر وقت هڪ ٻئي سان حال احوال اوريا ويندا هئاپر هاڻي سمورو نظام تبديل ٿي وڃڻ پاڻي جو بحران شديد ٿي ويو آھي. ماڻھن جون نظرون آسمان ۾ نه پر زير زمين تي آھن ماڻھو برساتن لاء دُعا گهرندا هئا هنن سنڌ حڪومت کان گُھر ڪئي ته ڪاڇي ۾ بورن تي فوري طور پابندي ھنئي وڃي. اڳ۾ ٺڪر جي ٿانون ۽ آرگينڪ انداز ۾ پوکن ۽ ڀاڄين سبب بيماريون به گهٽ ٿينديون هيون. ٽيڪنالوجي ڪم ۾ تيزي ته آندي آهي پر معاشري جا ويليوز مٽائي ڇڏيا آهن. هاڻي جڏهن دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر آرگينڪ انداز اختيار ڪري رهي آهي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌ به پنهنجي پراڻي ڪلچر ڏانهن موٽندي؟

پهنجو تبصرو موڪليو