بل نه ڀرڻ تي اسٽيل ملز جو گيس ڪنيڪشن ڪٽجي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سوئي سدرن گيس ڪمپني اسٽيل ملز جي گيس جو ڪنيڪشن 98 ارب روپين جي بل نه ڀرڻ تي ڪٽي ڇڏيو آهي. ڪمپني پاران جاري ڪيل بيان موجب ان رقم م 75 ارب روپيا سرچارج ۽ وياج جا شامل آهن. ڪمپني جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ان ڏس م سڀني لاڳاپيل وزارتن کي اطلاع ڏئي قانون موجب نوٽيس جاري ڪري ڪنيڪشن ڪٽيو ويو آهي. نومبر 2008 کان مارچ 2015 تائين اسٽيل ملز بلن جي ادائگي نه ڪئي هئي. جنهن سبب 2014 کان گيس جي سپلاءِ جيڪا 21 ملين ڪيوبڪ فٽ گيس روزانو جي سپلاءِ هئي اها 2015 کان گهٽائي 2 ايم ايم سي ايف ڊي ڪئي وئي هئي. جنهن جو ماهوار بل به 10 ڪروڙ روپيا هو. 2020 ۾ اسٽيل ملز حڪومت کان گرانٽ ملڻ بعد ماهوار بل ادا ڪرڻ شروع ڪيو . تازو اسٽيل ملز ڪمپني کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت گيس جي بلن جو ٻوجهه 30 جون 2024 کان پوءِ ادا نه ڪندي جنهن تي کين نوٽيس ڏئي 4 جولاءِ تي ڪنيڪشن ڪٽيو ويو آهي. ياد رهي ته اسٽيل ملز 2015 ۾ 10 سيڪڙو کان به گهٽ پيداواري صلاحيت جڏهن 60 سيڪڙو تائين وڌائي هئي ۽ خرچن برابر آمدن يعني پيداوار 70 سيڪڙو ڪرڻ واري هئي ته نواز شريف حڪومت اسٽيل ملز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. ياد رهي ته اسٽيل ملز جي 17 هزار ايڪڙ زمين تي هاڻي نجي شعبو اسٽيل مل لڳائيندو ۽ ايسڪورٽ پروسيسنگ زون به ٺهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو