بل بورڊن تي سياسي اڳواڻن جا فوٽن هجن،ڪيس داخل ڪريو،حڪم

بل بورڊن تي سياسي اڳواڻن جا فوٽن هجن،ڪيس داخل ڪريو،حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان سياسي اڳواڻن جا سائن بورڊ ۽ هورڊنگز هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عوامي هنڌن تي بل بورڊن ۽ هورڊنگز تي پابندي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڪي ايم سي ۽ ڪنٽونمينٽ جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت وڪيلن سان مڪالمو ڪندي چيو ته هي مهذب ماڻهن جو شهر آهي يا جهنگ؟ ڪراچي کي جهنگ نه بڻايو، اسان شهر ۾ ايندڙن کي ڇا ٻڌائڻ چاهيون ٿا؟پوءِ عدالت شهر مان سياسي اڳواڻن جي سائن بورڊ ۽ هورڊنگز هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ شهري انتظاميا سياسي اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪري، بل بورڊن تي جنهن سياسي اڳواڻ جي تصوير هجي، ان خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو