بلوچستان ۾ اٽي جو شديد بحران، 100 ڪلو بوري 12 هزار ٿي وئي

بلوچستان ۾ اٽي جو شديد بحران، 100 ڪلو بوري 12 هزار ٿي وئي

ڪوئٽه(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ اٽي جي کوٽ سبب بحراني صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ اٽي جو 100 ڪلوگرام ٿلهو 12 هزار رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب بلوچستان جي مٿانهين علائقن ۾ اٽي جي 100 ڪلو ٿيلهي جي اگهه ۾ 1500 رپين جو اضافو ڏٺو ويو آهي، جنهن کانپوءِ اهو 12000 رپيا في ٿيلو وڪرو ٿي رهيو آهي.مارڪيٽ ايسوسي ايشن جو چوڻ آهي ته فلور ملن وٽ ڪڻڪ جو محدود اسٽاڪ موجود آهي جنهن سبب فلور ملز محدود پيماني تي مارڪيٽ ۾ اٽو فراهم ڪري رهيون آهن، بلوچستان جي خوراڪ کاتي پاران ملن کي ماهوار ڪوٽا فراهم ڪرڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.مارڪيٽ ايسوسي ايشن جو چوڻ آهي ته مل مالڪ بليڪ مارڪيٽ مان مهانگي اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهن، پنجاب حڪومت اٽي ۽ ڪڻڪ جي بين الصوبائي منتقلي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، نه رڳو اهو پر ٽوبه اچڪزئي، ٽوبه ڪاڪڙي، دڪي ۾ اٽي جو بحران آهي. نوشڪي، چاغي ۽ زوب ۾ اٽي جي پيداوار ٿي آهي، جڏهن ته خوراڪ کاتي کي بلوچستان ۾ اٽي جي روزاني ضرورت جي ڪا به ڄاڻ ناهي. ٻئي طرف خوراڪ کاتي جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب صوبائي حڪومت کي ڪڻڪ خريد ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون آهن، پاسڪو کان 2 لک بوري ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو معاهدو ٿي ويو آهي، ايندڙ هفتي کان بلوچستان کي ڪڻڪ جي فراهمي شروع ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو