راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي ميڊيا وِنگ آءِ ايس پي آر موجب، بلوچستان ۾ ٻن ڌار ڌار آپريشنز دوران پابندي مڙهيل “ڀارتي ايجنٽ” بلوچ لبريشن فرنٽ (BLF) جي ٽن دهشتگردن کي سيڪيورٽي فورسز ماري وڌو آهي. آءِ ايس پي آر چيو ته هي انٽليجنس بيسڊ آپريشنز ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن ڪيا ويا. پهرين مقابلي دوران، سپاهين آواران ضلعي جي گِشڪُور واري علائقي ۾ دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪايو، جتي سخت فائرنگ جي ڏي وٺ دوران “ڀارتي سرپرستي ۾ هلندڙ دهشتگرد” يونس مارجي ويو، جڏهن ته ٻه وڌيڪ زخمي ٿيا. ”هڪ ٻئي ڪارروائي دوران، تربت شهر (ضلع ڪيج) ۾ سيڪيورٽي فورسز ٻن ڀارتي سرپرستي هيٺ دهشتگردن کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو؛ جن ۾ دهشتگرد گروهه جو اڳواڻ صابر الله ۽ دهشتگرد امجد عرف بچو شامل آهن،“ . ان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته دهشتگردن وٽان هٿيار، گوليون ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو، ۽ اهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملن ۽ بيگناهه شهرين جي ٽارگيٽ ڪِلنگ ۾ ملوث هئا. “علائقي مان باقي رهيل دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ صفائي واري ڪارروائي جاري آهي، ڇو ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي ڀارتي ايجنٽن جي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي تباهه ڪرڻ واري سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.” صدر آصف علي زرداري سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائين کي ساراهيندي ان کي هڪ مثبت قدم قرار ڏنو، ۽ چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اهڙيون ڪارروايون جاري رهنديون. صدارتي پريس ريليز مطابق، هن چيو: “ملڪ مان دهشتگرد عنصرن جو خاتمو ڪرڻ ۽ پاڪستان جي حفاظت لاءِ اسان جو عزم مضبوط آهي.” اي پي پي (ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان) جي رپورٽ مطابق، وزيراعظم شهباز شريف به سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سندن پيشورانه صلاحيتن ۽ ڀارتي سازش خلاف بروقت قدم کڻڻ تي واکاڻ ڪئي.










