بلاول تهذيب ۾ رهي پنهنجي ڪارڪردگيءَ تي ڳالهائي: مريم

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته بلاول ڀٽو تهذيب ۾ رهي ڪارڪردگيءَ تي ڳالهائي، توهان جي ذاتي سياست تي ڪير به ٻڌڻ نٿو چاهي. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ اشتعال انگيز ڳالهه ٻولهه ڪيس ۾ ن ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب پيشي لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿي. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان 1990ع جي ڏهاڪي ۾ گار گند جي سياست کي دفن ڪري ڇڏيو هو، پي ٽي آءِ جي باني اهو ڪلچر شروع ڪيو،پ پ چيئرمين تي تنقيد ڪندي هن چيو ته بلاول ڀٽو تازو پنجاب آيو آهي، شايد هن پي ڪي ايل آءِ، دانش اسڪول ۽ ٻيا منصوبا نه ڏٺا آهن، سنڌ کي به حق آهي ته اهي سهولتون پنجاب جيان هجن ، فيصلن ۾ پ پ جا وزير ۽ ايم ڪيو ايم ۾ برابر جا شريڪ هئا. پيپلز پارٽي ۽ ٻيون پارٽيون پي ڊي ايم جي مشاورت ۾ موجود هيون، جيڪڏهن بلاول ڀٽو جي تهذيب ۾ رهي ته نواز شريف جيڪو ڪلچر آڻڻ چاهي ٿو اهو قائم ٿي ويندو.ن ليگ اڳواڻ چيو ته بلوم برگ رپورٽ ۾ لکيو آهي ته نوازشريف جي قيادت ۾ بهترين معاشي ڪارڪردگي هئي، اسان انهن سمورين سياسي پارٽين سان مقابلو ڪري رهيا آهيون جن چونڊ نشان کنيا آهن، جيڪي پنهنجا جلسا ڪري رهيون آهن.مريم اورنگزيب چيو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري سان مقابلو آهي، اسان کي معيشت کي سنڀالڻو آهي، روزگار فراهم ڪرڻو آهي، اسان رليف پلان تيار ڪيو آهي، اهو جلد عوام آڏو اچي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو