برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ امدادي سامان نه ملڻ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ

برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ امدادي سامان نه ملڻ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ

ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ جليل ملاح جي ڳوٺاڻن پاران ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ امدادي سامان نه ملڻ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. خبر موجب ٽنڊوباگو شھر جي وارڊ نمبر 9 جي ڳوٺ جليل ملاح جي ڳوٺاڻن جي وڏي تعداد دلبر سنڌي، مشتاق ملاح، يار محمد ۽ شاهنواز ملاح جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ جليل ملاح مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ ۽ برسات متاثر ڳوٺاڻن کي تنبو ۽ امدادي سامان نه ملڻ تي ٽنڊوباگو پنگريو روڊ تي رڪاوٽون رکي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن پاران برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۽ امدادي سامان ڏيڻ لاءِ ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي، ڳوٺاڻن چيو ته برسات سبب سندن 30 کان وڌيڪ گهر ڪري پيا آهن، اسين کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، پر انتظاميا اسان جي ڪابه واهر نه ٿي ڪري. اسان جا ٻچا بکن ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ايس ايڇ او ٽنڊوباگو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوباگو جي آفيس سپريڊنٽ ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي روڊ کولرائي ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو