اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ سڌي ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪرڻ گهرجي. خانگي شعبي کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ اسان ان جي حمايت ڪنداسين. 200 ارب رپين جي بجلي چوري کي ختم ڪرڻ ضروري آهي.پاڪستان گورننس فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته جون 2023 ۾ پاڪستان ديوالي جي ڪناري تي هو. اڄ اسان جي مجموعي معاشي صورتحال ماضي جي مقابلي ۾ حوصلا افزا آهي. پاڪستان هر طرف چئلينجن سان جدوجهد ڪري رهيو آهي. اڄ ملڪ ۾ افراط زر جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽجي سنگل ڊجيٽ تي اچي وئي آهي.وزيراعظم چيو ته پاڪستان گورننس فورم ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو. احسن اقبال اڏان پاڪستان پروگرام کي بهترين طريقي سان هلائي رهيو آهي. پاليسي جي شرح 22 سيڪڙو کان گهٽجي 10.5 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. برآمدات وڌائڻ جي گنجائش آهي. اسان جي مجموعي معاشي صورتحال ماضي جي مقابلي ۾ حوصلا افزا آهي.شهباز شريف چيو ته سولر بابت جائز موقف ٻڌو ويو، 200 ارب رپين جي بجلي چوري کي ختم ڪرڻ ضروري آهي، بجلي جي قيمت ۾ 7 رپيا في يونٽ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، حڪومت جو ڪم ڪاروبار هلائڻ نه پر ادارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان جي آئي ٽي شعبي ۾ بيشمار صلاحيت آهي.










