ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينئر اڳواڻ فاروق ستار بجيٽ جي منظوري لاءِ سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڪامران ٽيسوري جي بحالي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.ايم ڪيو ايم پاڪستان وفاقي بجيٽ ۾ شهباز حڪومت جو ساٿ ڏيڻ لاءِ ڪامران ٽيسوري جي بطور سنڌ جي گورنر جي بحالي جو مطالبو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي به اجلاسن ۾ پارٽي جي ريڊ لائن ٺاهڻ تي زور ڏنو ويو آهي.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پارٽي چيئرمين خالد مقبول صديقي ٻڌايو ته سموري پارٽي ڪامران ٽيسوري سان گڏ آهي ڇو ته جهڙي گورنري انهي سنڀالي انهي سان ڪنهن جي به ڀيٽ نٿي ڪري سگهي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته ڪامران ٽيسوري جي وڃڻ سان ايم ڪيو ايم کي نقصان ٿيو، گورنر هائوس مان شهرين جا مسئلا اٿارڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ هڪ مضبوط شخصيت کي هٽايو ويو. انهي لاءِ بجيٽ جي موقعي تي ايم ڪيو ايم ڪوبه لحاظ نه رکندي. ڪامران ٽيسوري جي بحالي جي معاملي تي کلي ڳالهايو ويندو.ڪامران ٽيسوري آڪٽوبر 2022 کان مارچ 2026ع تائين سنڌ جو گورنر رهيو هو، هونئن ته انهي کي گورنر جو عهدو سنڀالڻ کان بعد ئي ميڊيا ۾ انهي کي عهدي تان هٽائڻ جون ڳالهيون شروع ٿي ويون هيون پر رمضان جي آخري ڏهاڪي ۾ انهي کي اوچتو عهدي تان هٽايو ويو هو ۽ انهي جي جڳهه تي(ن) ليگ جي اڳواڻ نهال هاشمي کي اهو عهدو ڏنو ويو.ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار انهي حوالي سان چيو ته پارٽي جي ذميواري به اها آهي ته ڪامران ٽيسوري جي بحالي کي ريڊ لائن بنايو وڃي، ايم ڪيو ايم جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي اجلاس ۾ اها ڳالهه رکي وئي ته ڪنهن به انهي تي اعتراض نه ڪيو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جا سمورا اسيمبلي ميمبر متفق آهن ته في الحال جيڪڏهن 28هين ترميم نه پئي آندي وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ بجيٽ ۾ ڪامران ٽيسوري جي بحالي کي ريڊ لائن بنايو وڃي.فاروق ستار چيو ته سياسي حوالي سان ڪامران ٽيسوري جي واپسي انهي لاءِ به اهم آهي ته هو هميشه پيپلز پارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيندو رهيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم وٽ هڪ آئيني عهدو انهي لاءِ ضروري آهي ته هو سنڌ حڪومت تي چيڪ اينڊ بيلنس رکي سگهي. فاروق ستار چيو ته ڪامران ٽيسوري بنا ڪنهن فرق، رنگ نسل 5 لک ٻارن کي آءِ ٽي تعليم ڏني، 10 لک ضرورتمندن ۾ راشن ورهايو، رهائشي پلاٽ، ليپ ٽاپ، موٽر سائيڪلون، رڪشا، موبائل فون، ورهايا ويا. واپارين، بزنس ڪميونٽي ۽ پسيل طبقي جي آواز بڻيا. اهڙي شخص کي سنڌ جي گورنر جي عهدي تان هٽائڻ قبول نه ڪنداسين.فاروق ستار وزيراعظم شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته اهو دل وڏو ڪري، ن ليگ طرفان ننڍي قرباني حق پرست ئي نه سنڌ جي سمورن طبقن کي حوصلو ڏيڻ جو سبب بڻجندي. فاروق ستار چيو ته بجيٽ جي منظوري کي ڪامران ٽيسوري جي بحالي سان جوڙيو ويندو.










