بجلي جي تارن مان ٽريڪٽر ٽرالي کي ڪرنٽ، ڊرائيور سڙي فوت

شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ ) ڳڙهي خيرو روڊ تي پراڻي ٽيڪسٽائيل مل جي  پلاٽ ڀرسان مٽي لاهيندي ٽريڪٽر ٽرالي11هزار وولٽيج بجلي جي تارن سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٽريڪٽر ڊرائيور احمد علي مستوئي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته  ڪلينر عبدالله بروهي سڙي زخمي ٿي پيو.هوڏانهن واقعي بعد علائقي واسين ڊرائيور کي ٽريڪٽر تان لاهي اسپتال آندو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته زخمي جو علاج هلندڙ آهي. ٻئي پاسي فوتي نوجوان جو لاش اوچتو گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو