اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاور ڊويزن جي عملدارن بجلي جي بلن ۾ شامل ڪيل ٽيڪسن جا تفصيل سينيٽ جي پاور بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي فراهم ڪري ڇڏيا آهن.سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سيف الله ابڙو جي صدارت هيٺ ٿيو.اجلاس دوران سينيٽر سيف الله ابڙو پاور ڊويزن جي عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو سبب ٻڌايو وڃي. ان تي پاور فنانس جي جوائنٽ سيڪريٽري محفوظ ڀٽي ٻڌايو ته گذريل مالي سال ظرفيت جي ادائيگي 1300 ارب رپيا هئي، هلندڙ مالي سال پاور سيڪٽر جي ظرفيت جي ادائيگين جو اندازو 2 هزار ارب رپيا آهي.اجلاس دوران سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي سي پي اي) جي عملدارن ٻڌايو ته پئڪيج جي مد ۾ 500 ارب رپين جو اضافو ڊالر ۽ رپئي جي مٽا سٽا جي شرح سبب آهي.جنهن تي سيف الله ابڙو وڌيڪ سوال ڪيو ته جيڪڏهن آءِ پي پيز سان معاهدا ڊالرن ۾ نه هجن ها ته بجلي مهانگي نه ٿئي ها؟ ان دوران سينيٽر بهرام تنگي به پاور ڊويزن جي عملدارن کان سوال ڪيو ته ڇا هنن ڪڏهن بجلي گهٽ ڪئي جڏهن ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي آئي؟ جنهن تي پاور ڊويزن جي عملدارن جو چوڻ هو ته اها ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ ڏني ويندي آهي.جنهن تي سينيٽر بهرام تنگي چيو ته اها ڳالهه نه ڪريو، ڏيکاريو ڪٿي آهي، جڏهن ته سيف الله نيازي چيو ته مختلف آءِ پي پيز جا ٺيڪا ختم ٿيڻ جا مختلف وقت آهن.اجلاس دوران پاور ڊويزن جي عملدارن ٻڌايو ته 1994ع جو آءِ پي پيز معاهدو 2027ع ۾ ختم ٿي ويندو.اجلاس دوران سينيٽر سيف الله نيازي پڇاڻو ڪيو ته آءِ پي پيز جا ٺيڪا ڪڏهن ختم ٿيندا، جنهن تي سينيٽر بهرام تنگي چيو ته ماڻهو بلن کي ساڙي رهيا آهن، ذميوار ڪير آهي، خيبر کان ڪراچي تائين احتجاج ٿي رهيا آهن، صورتحال خراب آهي ۽ سول نافرماني جي طرف وڃي رهي آهي. سينيٽر بهرام تنگي چيو ته ملڪ ڪمزور ٿي رهيو آهي، ذميوار ڪير آهي.اجلاس دوران سينيٽر فدا محمد پاور ڊويزن جي عملدارن کان سوال ڪيو ته بجلي جي بل تي ڪيترا ٽيڪس آهن؟جنهن جي جواب ۾ پاور ڊويزن جي عملدارن ٻڌايو ته ٽيڪس جا مختلف قسم آهن، بلن تي ست ٽيڪس آهن، جن ۾ جي ايس ٽي، انڪم ٽيڪس، ود هولڊنگ ٽيڪس ۽ ٻيا ٽيڪس شامل آهن.
