بجاراڻي ۽ تيغاڻي تڪرار ٻيهر تيز، فائرنگ ۾ 3 زخمي، پوليس ناڪام

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ غالب بلوچ)غوثپور ڀرسان شير ڳڙه واري علائقي ۾ بجاراڻي ۽ تيغاڻي برادرين جي ٻن گروپن ۾ خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 8 ورهين جو نينگر ضمير بجاراڻي، نوجوان چاڪر تيغاڻي ۽ ڪلينڪ تي ويٺل پنجاب جو رهواسي محمد دين پنجابي سخت زخمي ٿي پيا. جن کي حد جي پوليس غوثپور ۽ ڪرمپور جي رورل سينٽر وٺي وئي جتي کين فرسٽ ايڊ ڏني ويئي. هڪ زخمي کي نازڪ حالت هجڻ ڪري لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو. واضح رهي تہ بجاراڻي تيغاڻي خوني تڪرار گذريل 7 سالن کان چوپائي مال جي چوري تان هلندڙ آهي. هن مهل تائين ٻنهي ڌرين جا مجموعي طور تي 39 ماڻهو گولين جو کاڄ بڻجي چڪا آهن جڏهن تہ 150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ٻنهي ڌرين ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو ھلندڙ آهي حد جي پوليس جهيڙي جي روڪ ٿام لاءِ ڪي بہ جوڳا اپاءَ نہ وٺي سگهي آهي. ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي ۽ ٻئي ڌريون مورچا بند بڻيل آهن ۽ وڌيڪ جانيون ضايع ٿيڻ جو پڻ خدشو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو