با اثرن پاران فصل جي ڀيل خلاف ڳوٺاڻڻ جو احتجاج

مانجھند )رپورٽ مهراڻ عمراڻي( لاکڙا ڪول فيلڊ  جي علائقي ويرو ٻنڌ  جبل جي ڳوٺاڻن پاران بااثرن طرفان فصل ڀيلائي زمين تي قبضي ۽ موتمار ڌمڪين خلاف سڪل گاه هٿ ۾ کڻي احتجاج ڪيو ويو   ان موقعي تي متاثر  ڳوٺاڻن  رحمت الله کوسو فيرز کوسو صادق کوسو ذوالفقار کوسو ميڊيا سان ڳالھائيندي  چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن جي کاتي جون پوکيل زمينن ٿي  بااثر اصغر کوسو اڪبر کوسو احمد کوسو غلام علي کوسو ۽ ٻين  25 ايڪڙ  پوکيل زمين تي پوکيل فصل  کي ڪٽي اڇلائي ويا آھن جنهن سان کين 6 لکن جو نقصان ٿيو آھي جڏھن ت جوابدار کين زمين تان هٿ نه کڻڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن هنن  وڌيڪ چيو ت اهڙي درخواست  ڊي آئي جي  ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کي  ڏني آھي پر ان جي باوجود ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آھي هنن  آء جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو اسان جي پوکيل فصل ضايع ڪرڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو