باھ سڙيلن جي علاج لاءِ مسيحا موجود، سرڪار سرپرستي ڪري

شڪارپور(ڪاشف نواز ٻرڙو) حڪيم محبت علي اعواڻ، حسيني  دواخاني تي باھ ۾ سڙي زخمي ٿيندڙن جو ڪامياب علاج ڪري ٿو. سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت سرپرستي ڪري  سنڌ ۾ حڪمت جي طب سان متاثرن جو بهترين علاج ٿي سگهي ٿو. شڪارپور ضلعي ۾ باھ ۾ سڙي ويلن جي علاج لاء ڪابه سهولت موجود ناهي. سنڌيار سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ سرڪار يا مخير حضرات 20 بسترن  تي اهڙي اسپتال  ٺهرائي ڏين جتي فقط باھ جي  سڙيل مريضن جو تسلي بخش علاج ٿي سگهي. هن چيو ته اسان ته  رب پاڪ جي عبادت سمجهي ڪري انسان ذات جي خدمت ڪري  رهيا آهيون پر ان کي منظم انداز ۾ ڪرڻ لاءِ وٽس وسيلا ناهن. هن چيو ته انگريزي علاج کان طب حڪمت وارو علاج سستو به آهي ۽ موثر به آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو