باهه جي ٻن مختلف واقعن ۾ 15 گهر سڙي ويا، لکين روپين جو نقصان

ڀريا سٽي/ داد لغاري (نمائندن وٽان) ڀريا شهر ۽ داد لغاري لڳ ٻن ڳوٺن کي چلهه مان چڻگ اٿڻ سبب لڳل باهه جي 2 ڌار ڌار پيش آيل واقعن ۾ ڳوٺاڻن جا 15 گهر سڙي رک ٿي ويا. ثناءُ الله شيخ موجب ڀريا جي ڳوٺ حاجي الله ورايو خاصخيلي ۾ لڳل باهه  11 گھرن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو. متاثره  ڳوٺاڻن غلام مصطفي خاصخيلي، نظام خاصخيلي، عاشق خاصخيلي، رجب خاصخيلي، عبدالحڪيم خاصخيلي، ميوو خاصخيلي، روشن خاصخيلي، عطا محمد خاصخيلي، گل محمد خاصخيلي، لياقت خاصخيلي ۽ قربان خاصخيلي جي گھرن کي باھ ساڙي رک ڪري ڇڏيو. جڏهن ته گھرن اندر پيل قيمتي سامان فرج، ٽي وي، نياڻين جو ڏاج به ڪو نه بچيو. ڳوٺاڻن جي رڙين تي ڀرپاسي وارن ماڻهن پهچي باھ وسائن ۾ مدد ڪئي. اطلاع تي فائر برگيڊ ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڳوٺاڻن جي مدد سان باھ تي ضابطو آندو. متاثرن وزير اعلي سميت علائقي جي چونڊيل نمائندن ۽ ڊي سي نوشهرو فيروز کي مالي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.

هوڏانهن نديم مهر مطابق گهوٽڪي ضلعي جي شهر داد لغاري  لڳ ڳوٺ گامڻ خان خشڪ ۾  باهه سبب الهڏتو، شاهد ۽ زاهد خشڪ جي 4 ڪکاون گهرن کي باهه لڳي وئي. گهرم پيل 5 نياڻين جو ڏاج ، 20 مڻ ڪڻڪ، ٻه ڳئون ۽ 6 ٻڪرين سميت گهر جو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. فائرگيڊ عملو دير سان پهتو. متاثرن ڊي سي گهوٽڪي ۽ ٻين وسوارن کان مالي مدد جي اپيل ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو