ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور فلم ”اوم شانتي اوم“ سان شهرت ماڻيندڙ ڀارتي اداڪار شرياس تلپڙي کي اوچتو دل جو دورو پيو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب 47 ورهين جو اداڪار پنهنجي ايندڙ فلم ”ويلڪم ٽو دي جنگل“ جي شوٽنگ ۾ مصروف هو.اداڪار جي گهرواري موجب شرياس پنهنجي نارمل چيڪ اپ لاءِ اسپتال وڃڻ لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتو پر رستي ۾ کيس اوچتو دل جو دورو پيو،ميڊيا ذريعن موجب اداڪار کي فوري طور تي ممبئي جي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن جي اينجيو پلاسٽي ڪئي وئي ۽ هاڻي طبيعت ٺيڪ آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ کيس ڊسچارج ڪيو ويندو.










