ڪراچي ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ بعد حڪومت سان ڳالهين واري موقف تان هٿ کڻي وئي آهي ۽ غير مشروط ڳالهين لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ اسد قيصر آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي 2019ع ۾ ملازمت واري مدي ۾ واڌ جي فيصلي کي غلط قرار ڏنو آهي. اڳوڻي آرمي چيف جي رٽائرمينٽ کان هڪ هفتو پوءِ ڊان نيوز جي نادر گراماڻي جي پروگرام ”دوسرا رخ“ کي ڏنل انٽرويو ۾ اسد قيصر چيو ته پي ٽي آءِ کي اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ واري فيصلي تي افسوس آهي. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر چيو ته قمر جاويد باجوا جي مدي ۾ واڌ جو پارليامينٽ جو فيصلو غلط هو، اهڙيون ڳالهيون ڪنهن به شخصيت لاءِ نه هجڻ گهرجن. اسد قيصر وڌيڪ چيو ته جنرل (ر) قمر جاويد باجوه کي ملازمت ۾ واڌ ڏيڻ تي سڀني کي افسوس آهي ته اسان کان غلطي ٿي وئي آهي. اهو فيصلو اڪيلي پي ٽ آءِ جو نه پر سڀني پارتين جو گڏيل فيصلو هو. فيصل واوڊا بابت سوال تي هن چيو ته کيس عمران خان جي ڪرسي تي نه ويهاريو باقي هن لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو ۽ هن پارٽي کان ڌار ٿي ظلم ڪيو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اسين هڪومت سان ڳالهين لاءِ بنا شرط جي تيار آهيون اهو ضروري ناهي ته حڪومت اڳ ۾ تاريخ ڏئي.










