لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما جي گهرواري کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.عمر سرفراز چيما جي گهرواري کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران حراست ۾ ورتو ويو.عمر سرفراز چيما کي جوڊيشل رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عمر سرفراز چيما جي زال مڙس سان ملاقات لاءِ عدالت پهتي.پوليس ذريعن موجب اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما جي گهرواري رابعه سلطان جناح هائوس تي حملي جي جاچ ۾ گهربل آهي.پوليس ذريعن موجب جيو فينسنگ ذريعي رابعه سلطان جي 9 مئي تي جناح هائوس ۾ موجودگي جي تصديق ٿي هئي، پوليس رابعه سلطان کي ڳولي رهي هئي، جنهن کي اڄ گرفتار ڪيو ويو آهي.
