اسلام آباد(بيورو رپورٽ)منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته منهنجي ضلعي ۾ اسپورٽس ڪمپليڪس ٺاهڻ جي ڏوهه ۾ مون اڍائي مهينا جيل ۾ گذاريا، جتي موت جي سزا جا قيدي رهندا آهن.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته اڄڪلهه معلومات تائين پهچ تمام آسان آهي، دنيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ڪري رهي آهي.احسن اقبال جو چوڻ آهي ته سماج لاءِ چئلينج اهو آهي ته اها بدلجندڙ دنيا سان ڪيئن ترقي ڪري ٿي، ملڪ تڏهن پوئتي رهجي ويندا آهن جڏهن اهي بدلجندڙ دنيا سان گڏ نه رهندا آهن.هن چيو ته چين پنهنجي ملڪ مان غربت جو خاتمو ڪري ترقي جو سفر شروع ڪيو، جيڪڏهن وقت سان گڏ معاشرو نه بدليو ته دنيا ۾ پوئتي رهجي ويندو.وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ گهربل ترقي وقت جي ضرورت آهي، 2013 ۾ جڏهن ملڪ ۾ حڪومت آئي ته 16 کان 18 ڪلاڪ بجلي نه هئي.سندس چوڻ آهي ته 2013ع ۾ جڏهن هو حڪومت ۾ آيا ته هڪ ڏينهن به اهڙو نه گذريو جنهن ۾ آپگهاتي ڌماڪا نه ٿيا، ڪراچي شهرين لاءِ غير محفوظ هو، ڪو به سيڙپڪار پاڪستان اچڻ لاءِ تيار نه هو، 3 کان 4 سالن ۾ اسان اهو سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيو.احسن اقبال چيو ته پاڪستان 2030ع تائين 20هين طاقتور معيشت بڻجي ويندو، جڏهن اسان 2013ع ۾ حڪومت ۾ آياسين ته 4 سالن ۾ 11 هزار ميگاواٽ بجلي شامل ڪئي، ٽن سالن ۾ سي پيڪ ذريعي 29 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته اسان ڏيکاريو آهي ته پاڪستان ترقي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، 2018ع کانپوءِ صورتحال هڪ ڀيرو ٻيهر تبديل ٿي آهي، اپوزيشن تي الزام هڻڻ گورننس ناهي.
