عيد کانپوءِ ڪل جماعتي اجلاس ۾ ڊرون حڪمت عملي ظاهرڪبي، بلاول

اسلام آباد( رپورٽ اياز مهر) پاڪستان جي مخالف ڌر جي 10 جماعتن جي اجلاس ۾ عيد کانپوءِ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ تي اتفاق پر شيدول، طريقه ڪار ۽ حڪمت عملي بابت هرڪنهن جو پنهنجو موقف سامهون اچڻ بعد اتفاق نه ٿي سگهيو. سڀني جماعتن عيد کانپوءِ مولانا فضل رحمان جي سربراهي ۾ ڪل جماعتي ڪانفرنس گهرائي ان ۾ فيصلو ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو ابتدائي ڪلمات ۾ چيو ته ميل ميلاپ جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي ۽ افطار ۾ شرڪت تي سڀني جو ٿورائتو آهيان. مولان فضل رحمان چيو ته  حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي ۽ مهانگائي سبب عوام پريشان آهي. شاهد خاقان عباسي، حاصل بزنجو، آفتاب شير پائو، افتخار خان، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي، پشتون تحفظ موومينٽ، وارن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي، داخلي، دفاعي ۽ هر پاليسي پارليامينٽ طئي ڪندي. جنهن بعد سوال جوابن جو سيشن ٿيو. بلاول چيو ته عوام مهنگائي جي سونامي ۾ ٻڏي رهيو آهي، اسين ڊرون حڪمت عملي بعد م طاهر ڪنداسين. ميثاق جمهوريت جو دائرو وڌائبو. مريم چيو ته بلاول سان اڄ پهرين ملاقات ناهي، امڙ جي عيادت لاءِ رائيونڊ آيا هئا ۽ بعد ۾ جيل ۾ ميان صاحب سان ملڻ آيو هو جيڪو مونکي سٺو لڳو هو ۽ تڏهن مون سندس افطار جي دعوت قبول ڪئي. ان کان اڳ افطار ڊنر ۾ مريم نواز، حمزه شهباز، شاهد خاقان عباسي، آفتاب احمد شيرپائو، لياقت بلوچ، جمالدين جمالديني سميت مختلف سياسي جماعتن ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. مولانا فضل رحمان افطار ۾ شريڪ نه ٿيو بعد ۾ پهتو۽ ڊنرڪيو. اسفند يار طبيعت ناساز هئڻ ۽ سراج الحق جي ڪراچي ۾ هجڻ سبب شرڪت نه ڪيائون پر سندن نمائندا موجود هئا. بلاول جي کاٻي پاسي کان مريم ويٺل هئي، جنهن جي پاسي ۾ ايمل اسفند ولي خان ويٺو هو. جڏهن ته آصف علي زرداري سندن سامهون ويٺل هو. سندس ساڄي پاسي شاهد خاقان عباسي ۽ کاٻي پاسي آفتاب شيرپائو ويٺل هو. مسلم ليگ (ن) اڳ ۾ شاهد خاقان عباسي جي گهر گڏ ٿيا جتي مريم نواز پنهنجي ٽيم سان پهتي، حمزه گڏ نه هئس پر اوچتو هو پهتو ۽ مشاورت بعد مريم نواز جي ليفٽ هينڊ گاڏي ڊرائيو ڪري زرداري هائوس پهتا. جتي مٿن گلاب جي گلن جي ورکا ڪئي وئي پر آڌر ڀاءُ لاءِ بلاول وارا دروازي کان ٻاهر نه آيا. ان کان اڳ پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل فرحت الله بابرچيو هو ته هي افطار ڊنر آهي جنهن جو ڪو سياسي ايجنڊا ناهي پر ظاهر آهي ته جڏهن سياستدان ملندا آهن ته سياست تي ئي بحٿ ٿيندو آهي. هي اجلاس اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن روپئي جو ملهه خطرناڪ حد تائين ڪري پيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي آهي ۽ عوام جا اربين روپيا ٻڏي چڪا آهن، مهانگائي جو طوفان برپا آهي، تيل، گيس ۽ بجلي جا اگهه آءِ ايم ايف جي فرمائش تي وڌڻ وارا آهن ۽ نئين بجيٽ پيش ٿيڻ واري آهي. جنهن ۾ 400 ارب جا نوان ٽيڪس لڳڻ وارا آهن. نواز شريف جيل ۾ آهي، آصف زرداري حاضريون پيو ڀوڳي، شهباز شريف لنڊن ۾ آهي. هوڏانهن مسلم ليگ (ن) پنهنجي پارٽي جو اهم اجلاس سڀاڻي سومر تي طلب ڪيو آهي. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان بلاول ۽ مريم جي ملاقات بابت چيو آهي ته ڪالهه تائين هو هڪٻئي کي ڪرپٽ سڏيندا هئا ته هاڻي ڪهڙي منهن سان ملاقات ٿا ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو