اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جاويد لطيف شڪايت ڪئي آهي ته اڄ به آئين ۽ قانون تي عمل نه پيو ٿئي.پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ جو آئين ۽ قانون طاقتورن لاءِ نه پر غريبن لاءِ آهن.وفاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته ملڪ ۾ امير ۽ غريب لاءِ هڪ جهڙو قانون هجڻ گهرجي، مذهب کي استعمال ڪري رياست سان کيڏڻ وارن کي قوم ياد رکندي.هن چيو ته ڪجهه ماڻهو ٻاهر ويهندا آهن ۽ رياست خلاف استعمال ٿيندا آهن، آئين ۽ رياست خلاف ڳالهائڻ وارن تي آرٽيڪل 6 ڇو نٿو لاڳو ٿئي؟ جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته اعظم خان جي بيان سيپري ٽوڙي ڇڏيا آهن، نوجوانن جا ذهن رياست ۽ رياستي ادارن خلاف اٿيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته 9 مئي جو واقعو رياست ۽ ادارن خلاف ذهنيت جو نتيجو آهي، انصاف جي نالي تي قوم سان ڇا ڪيو پيو وڃي.وفاقي وزير مسلم ليگ ن اڳواڻ جاويد لطيف جو به چوڻ آهي ته نواز شريف ئي ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهي ٿو.
