اڄوڪي ميچ ۽ ايشيا ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم ڪامياب ٿيندي، وهاب رياض

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي راندين واري صلاحڪار وهاب رياض چيو آهي ته پاڪستاني ٽيم اڄوڪي ميچ ۽ ايشيا ڪپ ۾ ڪاميابي ماڻيندي.ايشيا ڪپ ۾ اڄ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندڙ ميچ جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ وهاب رياض چيو ته پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف جوش ۽ جذبي سان ميدان ۾ پهتي.وهاب رياض چيو ته بابر اعظم جي ڪپتاني فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، جيڪا ٽيم نئين بال سان سٺي بالنگ ڪندي ان وٽ فتح جا وڌيڪ چانس هوندا.هن چيو ته پاڪ ڀارت ميچ جو پريشر هميشه وڌيڪ هوندو آهي، قومي ٽيم سريلنڪا جي حالتن کان چڱي ريت واقف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو