’ايڪس بحال نه ٿيندو‘، قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽويٽر) جي بندش جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائيندي گهرو وزارت چيو ته ايڪس بحال نٿو ٿي سگهي.پنهنجي رپورٽ ۾ گهرو وزارت ايڪس کي ملڪي سلامتي لاءِ خطرو قرار  ڏيندي ٻڌايو ته گهرو وزارت جو ڪم پاڪستان جي عوام جي حقن جو تحفظ ڪرڻ آهي، ايڪس تي پابندي کان اڳ سڀ قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون هيون. ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ايڪس تي پابندي آرٽيڪل 19 جي ڀڃڪڙي نه آهي، آرٽيڪل 19 اظهار جي آزادي جي اجازت ڏئي ٿو، اظهار جي آزادي تي قانون موجب ڪجهه پابندي به ٿي سگهي ٿي، سوشل ميڊيا ۽ ايڪس تي ملڪي ادارن خلاف چڙ ڏياريندڙ مواد اپ لوڊ ڪيو ويندو آهي، ايڪس هڪ پرڏيهي ڪمپني آهي جنهن کي ڪيترائي ڀيرا قانون تي عملدرآمد جو چيو ويو آهي. گهرو وزارت جواب ۾ موقف اختيار ڪيو ته وٽن عارضي طور تي ايڪس جي بندش کانسواءِ ڪو رستو نه هو، 17 فيبروري تي گهرو وزارت ايڪس فوري طور تي بند ڪرڻ جو چيو هو. ايڪس جو پاڪستان سان ڪو معاهدو ٿيل نه هو، بعد ۾ ايم او يو سائن ڪرڻ ۽ ملڪي قانونن تي عمل ڪرڻ جي خاطري تي ان کي کوليو ويو هو، بعد ۾ ملڪي قانونن جي ڀڃڪڙين جي صورت ۾ ايڪس تي پابندي کانسواءِ ڪو رستو نه هو.گهرو وزارت موجب ملڪي سيڪيورٽي ۽ وقار لاءِ ايڪس تي پابندي لڳائي آهي، ڳجهن ادارن جي رپورٽ جي روشني ۾ ايڪس تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، ڪجهه عنصر ايڪس ذريعي ملڪ ۾ عدم استحڪام پکيڙڻ چاهن ٿا. گهرو وزارت موجب نه رڳو پاڪستان پر ٻيا ملڪ به سوشل ميڊيا تي پابندي هڻندا رهيا آهن. هنن استدعا ڪئي ته درخواست ٻڌڻي جوڳي نه آهي، ملڪي مفاد ۾ ان کي رد ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو