اين سي او سي پاران ڪورونا پابندين تي نرمي جو اعلان

اسلام آباد ( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشنز سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا پابندين تي نرمي  جو اعلان ڪيو آهي.اين سي او سي سربراهه اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو.اين سي او سي پاران جاري ڪيل اعلان موجب 24 مئي کان ايس او پيز سان سياحت کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ريسٽورنٽ ۽ هوٽلن ۾ ٻاهرين ڊائننگ کي رات 12 وڳي تائين کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.اين سي او سي موجب ، مرحليوار اسڪولن کولڻ جي اجازت ڏني ويندي جنهن ضلعن ۾ 5 سيڪڙو کان گهٽ ڪيس هوندا .ان کان علاوه 1 جون کان 150 ماڻهن سان اوپن ايئر شادي هال جي اجازت هوندي. جڏهن ته مزارون ، سينما ، انڊور طعام ، انڊور  جم ۽ پارڪ بند رهندا جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر تي بين الصوبائي ٽرانسپورٽ به بند هوندي. .اعلان موجب ، 1 جون کان کلندڙ شعبن جو جائزو 27 مئي تي ورتو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو