اينٽي ڪرپشن جي ڌاڙيلن جيان ڪاروائي، هيڊ ماسٽر گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سچل ڳوٺ واري علائقي ۾ اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻي جي ٽيم جي ڌاڙيلن جيان ڪارروائي، گن پوائنٽ تي هيڊ ماستر کي کنڀڻ کانپوءِ شاگردن جي مزاحمت ڪري ٽن ڄڻن کي سوگهو . ڪري ورتو سرڪل آفيسر سوڌو ٻن عملدارن کي رينجرز گرفتار ڪري ورتو آهي. سچل ڳوٺ جي نيو ماڊل گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول جي هيڊ ماستر کي صبح جو پڙهائيءَ دوران سادا ڪپڙا پهريل ماڻهو کنڀي ويا. سادا ڪپڙا پهريل ماڻهو هيڊ ماستر شبير سولنگيءَ کي کنڀي وڃي رهيا هئا ته شاگردن مزاحمت ڪري ٽن ڄڻن کي سوگهو ڪري ورتو. جنهن بعد اُنهن پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي ٻڌايوته سندن واسطو اينٽي ڪرپشن کاتي سان آهي، شاگردن ۽ استادن جي احتجاج کانپوءِ پوليس توڙي رينجرز اهلڪار پهچي ويا. جنهن دوران شاگردن ٻڌايو ته اڻڄاتل ماڻهو هٿيارن جي زور تي هيڊ ماستر کي کنڀي ويا آهن. جوابدارن جي ڪار هيڊ ماستر جي گاڏي پويان بيٺي هئي، جنهن جو شاگردن گهيرو ڪيو. شاگردن جي احتجاج ۽ ڳالهين کانپوءِ رينجرز اهلڪارن پاڻ کي اينٽي .ڪرپشن جا اهلڪار سڏائيندڙ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي پاسي اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو جي سرڪل آفيسر هدايت الله چنو چيو ته سچل اسڪول جي هيڊ ماستر شبير سولنگي کي سندن ٽيم گرفتار ڪيو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ اي سي سي ون ۾ منظور ٿيل ايف آءِ آر مطابق سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. هيڊ ماستر کي ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. هُن شاگردن جي الزام کي رد ڪري ڇڏيو ته اينٽي ڪرپشن کاتي جي ٽيم گن پواننٽ تي هيڊ ماستر کي گرفتار ڪيو آهي. ڪارروائي جي حوالي سان اينٽي ڪرپشن ايسٽ جي هيڊ آفيس ۾ انٽري ڪرائي ڪاروائي ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي اينٽي ڪرپشن ڪراچي ايسٽ جي اختيارين جو چوڻ آهي ته هيڊ ماستر کي هٿيارن جي زور تي گرفتار ڪرڻ وارو رويو انتهائي غلط آهي، بنا ورديءَ جي ڪارروائي ۽ ڪراچي جي اهلڪارن کي پاڻ سان گڏ نه رکڻ وارو عمل به غيرقانوني آهي. رينجرز اهلڪارن اينٽي ڪرپشن .لاڙڪاڻو جي سرڪل آفيسر هدايت الله چنو سوڌو ٽن عملدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو