اينٽي ٿيفٽ سيل جو ڪاروايون، غير قانوني هائيڊرنٽس ڊاهي پٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر ڪارپوريشن پاران سپر هاءِ وي جي ڀرسان ايوب ڳوٺ ۾ پاڻي چورن خلاف ڪارروائي ڪندي نيو ڪراچي ۽ نارٿ ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ 54 انچ لائين ۾ موجود ٻن غير قانوني هائيڊرنٽس کي ڊاهي ڪري چئن انچن جا ٻہ غير قانوني ڪنيڪشن ڪٽيا ويا، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب ڪاروائي وقتي انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل دلاور جعفري جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، ڪارروائي دوران ايڪسين ايڇ ٽي ايم واحد شيخ سميت مقامي پوليس پڻ گڏ ھئي، وقتي انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل دلاور جعفري جو چوڻ هو ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سمورن غير قانوني ڪنيڪشنز ۽ هائيڊرنٽس کي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو آهي، هن چيو تہ آپريشن کانپوءِ نيو ڪراچي جي آس پاس وارن علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ بھتري ايندي جڏهن تہ پاڻي چوري ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي پڻ ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو