ڪراچي (پ ر ) سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي هدايتن تي ليڊر ٽيم اي ۽ انچارج آفيسر اينٽي ٿيفٽ سيل تابش رضا حسنين ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايڇ ٽي ايم مشتاق احمد جي اڳواڻي ۾ جمالي پل جي ويجھو غير قانوني هائيڊرنٽس تي ڇاپو ھنيو ويو، ڪارروائي دوران ٻہ ٽينڪر نمبر TUA 615 ۽ JT 3699 غير قانوني هائيڊرنيٽ مان پاڻي ڀريندي پڪڙي ڪري سائيٽ سپر ھاءِ وي ٿاڻي تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيا، ليڊر ٽيم اي اينٽي ٿيفٽ سيل تابش رضا حسنين جو چوڻ هو تہ ذريعن موجب ملڪ پرويز پوليس واري جي اڳواڻي ۾ واٽر بورڊ جي 54 انچ قطر جي لائين مان پاڻي چوري ڪري هائيڊرينٽ هلائي رهيو هو، پاڻي چور ملڪ پرويز خلاف لاڳاپيل ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو.
