ايندڙ ميچ ۾ غلطين تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين، بابر اعظم

حيدرآباد )ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته هو ايندڙ ميچ ۾ غلطين تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪندا.حيدرآباد ۾ نيوزيلينڊ خلاف وارم اپ ميچ ۾ 5 وڪيٽن تان هارائڻ کانپوءِ بابر اعظم جو چوڻ هو ته اڄ اسان پنهنجي بينچ اسٽريٽ کي موقعو ڏنو. هن چيو ته هو ايندڙ وارم اپ ميچ ۾ غلطين تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪندا، ٻي اننگز ۾ بيٽسمين وڌيڪ آساني سان ڍير ٿي رهيا هئا. ان موقعي تي نيوزيلينڊ جي ڪپتان ٽام ليٿم چيو ته اسان جي رانديگرن ورلڊ ڪپ لاءِ سٺي تياري ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو