ايم ڪيو ايم ضمني چونڊن لاءِ 27 نالا شارٽ لسٽ ڪري ورتا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي 9 سيٽن تي ضمني چونڊن بابت ايم ڪيو ايم حڪمت عملي تيار ڪري ورتي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم ضمني چونڊن لاءِ 27 نالا شارٽ لسٽ ڪيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم ضمني چونڊن جي 9 تڪن تي مضبوط اميدوار آڻيندي، نالن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ رابطا ڪميٽي جو اجلاس رات جو ٿيندو.ايم ڪيو ايم جي متوقع نالن ۾ فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال، خوش بخت شجاعت شامل آهن.انهن کان علاوه قادر خانزاده، ارشد حسن، ارشد وهره، شبير قائم خاني ۽ ٻيون شخصيتون به شامل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو