ايشيا ڪپ، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ 10 سيپٽمبر تي وري ٽڪراءُ ٿيندو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايشيا ڪرڪيٽ ڪپ 2023 جو ٻيو مرحلو 9 سيپٽمبر کان شروع ٿي رهيو آهي. پهرين ميچ ڇنڇر 9 سيپٽمبر تي ڪولمبو م سريلنڪا ۽ بنگلاديش ۾ کيڏي ويندي. منجهند اڍائي وڳي ميچ شروع ٿيندي. جڏهن ته ٻئي ميچ 10 سيپٽمبر تي پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ساڳئي جاءِ تي کيڏي ويندي. 12 سيپٽمبر تي سريلنڪا ۽ ڀارت ۾ مقابلو ٿيندو ۽ 14 سيپٽمبر تي ساڳئي جاءِ تي سريلنڪا پاڪستان سان مهاڏو اٽڪائيندو. 15 سيپٽمبر تي بنگلاديش ۽ ڀارت جو مقابلو ٿيندو 14 ۽ 15 تاريخ تي رٿيل مقابلن ۾ کٽيندڙ ٽيمون 17 سيپٽمبر تي فائينل کيڏنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو