ايس يو پي پاران بحريا ٽائون انتظاميا خلاف احتجاج

ڪراچي (باغي ساگر پنھوار ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڳوٺن بحريا ٽائون ، دريا خان گبول ڳوٺ، اميد علي گبول ڳوٺ، فيضو گبول ڳوٺ کي متاثر ڪرن تي  بحريا ٽائون خلاف احتجاج. سنڌ حڪومت جي تعاون سان بلڊر مافيا طرفان تشدد ۽ گرفتارين جي سخت لفظن م مذمت ڪندي ڳوٺاڻن سان نا انصافيون بند ڪرڻ جو مطالبو.اعجاز سامٽيو، منير مگسي، علي نواز گبول، ايڊوڪيٽ صداقت علي ڳورڙ، اولھ پريس ڪلب جي جنرل سڪريٽري فاروق ڀنگوار، مراد گبول، ايڊوڪيٽ فاروق احمد ڳورڙ، جو چوڻ هو ته هڪ سوچيل سمجهيل پلاننگ تحت ملير  ۽ ڄامشورو جي زمينن تي قبضن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ ملڪ رياض سان گڏ سندس پارٽنر آصف زرداري ۽ سندس سرڪار مڪمل سهڪاري آهن، ڪراچيءَ جا سنڌي ڳوٺ سوين سالن کان آباد آهن پر پيپلزپارٽي جي سرڪار انهن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ بجاءِ هڪ بلڊر جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي جنهن جي جنهن مهل دل چاهي ٿي بلدوزر گهرائي تشدد ڪرائي، ڪيس داخل ڪرائي سندن زمينن تي قبضا ڪرائي رهيو آهي، انھن وڌيڪ چيو ته گڏاپ ۽ ملير جي ماڻهن هميشہ پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏنو آهي ۽ اڄ انهيءَ ووٽ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته کين بي گهر ڪيو پيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته جيسيتائين گڏاپ ۽ ملير جا ماڻهو پنهنجي ووٽ جي طاقت جو توازن وطن دوست ڌرين ڏانهن نه ڪندا تيستائين هي ظلم ۽ جبر جاري رهندو. بحريا ٽائون کان پوءِ بحريا ٽائون فيز 2 فيز 3  جي نالي ۾ لکين ايڪڙ زمين آصف زرداري ملڪ رياض جي حوالي ڪري ڇڏي آهي جنهن جو ڪو پڇاڻو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي سپريم ڪورٽ، نيب سڀ خاموش بڻيل آهن. اعجاز سامٽيو چيو ته چاچا فيضو گبول جي پٽ مراد گبول، مير محمد گبول کي ڪلھ سخت تشدد جو نشانو بڻائي رات دير سان آزاد ڪيو ويو اسان ان لاء سخت مذمت ڪيون ٿا، اسان حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڳوٺاڻن سان نا انصافيون بند ڪري، بحريا جي دلال ڊي سي ملير، ايس ايس پي ملير کي بدلي ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ جون قومپرست ڌريون گڏيل حڪمت عملي جوڙي ڀرپور سگھ سان پوري سنڌ اندر احتجاجن جو دائرو وڌايو ويندو،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو