screen Shot

ايران پاران تيل جو وڏو ذخيرو هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر حسن روحاني دعويٰ ڪئي آهي ته ايران 53 ارب بيرل خام تيل جو وڏو ذخيرو هٿ ڪري ورتو آهي. عرب خابرو اداري مطابق ايران جي صدر حسن روحاني سرڪاري ٽي وي تي تيل جي ذخيرو برآمد ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته تيل جو نئون ذخيرو ملڪ جي 150 ارب بيرل ذخيرن کي وڌيڪ طاقت بخشيندو. ايراني صدر ٻڌايو ته آئل فيلڊ ملڪ جي جنوبي صوبي خزستان ۾ واقع آهي. ان موقعي تي ايراني صدر آمريڪا کي للڪاريندي چيو ته مان وائيٽ هائوس کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته انهن ڏينهن ۾ جڏهن آمريڪا ايراني تيل خريد ڪرڻ تي پابندي لڳائي ته اسان جي ملڪ جا انجنيئر ۽ مزدور 53 ارب تيل جي تلاش ۾ لڳل هيا.  عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايران خام تيل رکندڙ هن وقت دنيا جو چوٿون ۽ قدرتي گيس رکندڙ ٻيو نمبر وڏو ملڪ آهي جڏهن ته هٿ ايندڙ نئين آئل فيلڊ آهواز جي 65 ارب بيرل جي آئل فيلڊ کان پوءِ ايران جي اها ٻي وڏي آئل فيلڊ بڻجي سگهي ٿي. ٻئي طرف عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايران پنهنجي اعلان ۾ اهو ناهي ٻڌايو ته ان ذخيري مان تيل جي ڪيتري پيداوار ڪري سگهجي ٿي اهو اعلان سياسي سطح تي ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان ايران ڪو به ٽيڪنيڪي فيصلو جاري ناهي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو