ڪوئيٽا: (ويب ڊيسڪ) ايران مان پاڪستاني شهرين جي وطن واپسي جو سلسلو جاري آهي، وڌيڪ 556 شهري تفتان ذريعي ڪوئيٽا پهچي ويا آهن.ايران مان واپس ايندڙن ۾ 506 شاگرد ۽ 50 زائرين شامل آهن. 2 ڏينهن ۾ 940 شهري تفتان ذريعي وطن واپس آيا آهن. ياد رهي ته 25 وڌيڪ شاگردن سميت 136 شهري به گوادر ذريعي وطن واپس آيا، جنهن سان ڪُل انگ 456 ٿي ويو آهي.شاگردن جو چوڻ آهي ته ايران تي حملي کان پوءِ خوف جو ماحول آهي ۽ اهي پاڪستاني سفارتخاني جي مدد سان واپس آيا آهن.










