واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)ايراني صدر مسعود پزشڪيان آمريڪا سان ايٽمي ڳالهين جي شروعات جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته سندس هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسلامي جمهوريه سان ڪو به معاهدو نه ٿيو ته “برا نتيجا” نڪرندا.
گذريل مهيني انتها تي پهتل حڪومت مخالف احتجاجن تي ايراني اختيارين جي ڪارروائي کان پوءِ، آمريڪي صدر فوجي قدم کڻڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ وچ اوڀر ڏانهن جهاز بردار ٻيڙن جو هڪ ٽولو موڪلڻ جو حڪم ڏنو.
ٽرمپ چيو آهي ته کيس اميد آهي ته واشنگٽن ايران سان “ڪو حل ڪڍي وٺندو”، پر سومر جي دير سان هن اهو به خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪو معاهدو نه ٿيو ته “برا واقعا پيش ايندا”.
تهران زور ڏنو آهي ته هو سفارتڪاري چاهي ٿو، پر ڪنهن به جارحيت جي صورت ۾ بنا حد جواب ڏيڻ جو عزم به ظاهر ڪيو آهي. ايراني سرڪاري ميڊيا سومر تي ٻڌايو ته صدر مسعود پزشڪيان واشنگٽن سان ايٽمي ڳالهين جي شروعات جو حڪم ڏنو آهي.
پزشڪيان اڱاري تي تصديق ڪئي ته هن ايٽمي ڳالهين جي شروعات جو حڪم ڏنو آهي.
هن ايڪس (X) تي هڪ پوسٽ ۾ چيو: “مون پنهنجي پرڏيهي وزير کي هدايت ڏني آهي ته جيڪڏهن مناسب ماحول موجود هجي ــ يعني اهڙو ماحول جيڪو ڌمڪين ۽ غير معقول اميدن کان پاڪ هجي ــ ته منصفاڻيون ۽ برابريءَ تي ٻڌل ڳالهيون اڳتي وڌايون وڃن.”
هن چيو ته اهي ڳالهيون “اسان جي قومي مفادن جي دائري اندر” ٿينديون. هڪ عرب عهديدار، جيڪو معاملي جي حساسيت سبب نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي اي ايف پي کي ٻڌايو، چيو ته جمعي ڏينهن ترڪي ۾ ملاقات ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪا مصر، قطر، ترڪي ۽ عمان جي ڪوششن کان پوءِ ممڪن ٿي آهي.
آمريڪي نيوز سائيٽ ايڪسيئس ٻه نالا ظاهر نه ڪندڙ ذريعا نقل ڪندي چيو آهي ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي اميد آهي ته هو استنبول ۾ آمريڪي خاص نمائندي اسٽيو وِٽڪوف سان ايٽمي مسئلي تي ممڪن معاهدي بابت ملاقات ڪندو.
ٽرمپ خبردار ڪيو هو ته ايران لاءِ پنهنجي ايٽمي پروگرام بابت معاهدي تائين پهچڻ لاءِ “وقت ختم ٿيندو پيو وڃي”، جنهن بابت اولهه جو خيال آهي ته ان جو مقصد ايٽم بم ٺاهڻ آهي، جڏهن ته تهران هن دعويٰ کي بار بار رد ڪندو رهيو آهي.
آچر تي سي اين اين سان انٽرويو ۾ عراقچي چيو: “صدر ٽرمپ چيو ته ايٽمي هٿيار نه هجن، ۽ اسان ان سان مڪمل اتفاق ڪريون ٿا. اسان مڪمل طور متفق آهيون. اهو هڪ تمام سٺو معاهدو ٿي سگهي ٿو.” هن وڌيڪ چيو: “ان جي بدلي ۾، اسان پابندين جي خاتمي جي اميد رکون ٿا.”
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي سومر تي اڳ ۾ چيو ته تهران ڳالهين لاءِ طريقو ۽ فريم ورڪ تي ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ تيار ٿي ويندو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ پيغام علائقائي ڌرين ذريعي پهچايا پيا وڃن.
‘دنيا جي پوليس’
ترڪي تڪرار گهٽائڻ لاءِ سفارتي ڪوششن جي اڳواڻي ڪئي آهي. عراقچي گذريل هفتي استنبول ويو هو ۽ اتي ٻين علائقائي هم منصبن سان به ملاقاتون ڪيون، جن ۾ مصر، سعودي عرب ۽ اردن شامل آهن.
اردن جي اعليٰ سفارتڪار ايمن الصفدي سومر تي عراقچي کي يقين ڏياريو ته بادشاهت “نه ته ڪنهن علائقائي تڪرار ۾ جنگ جو ميدان بڻجندي ۽ نه ئي ايران خلاف ڪنهن فوجي ڪارروائي لاءِ لانچنگ پيڊ”.
ايراني اختيارين، جن ۾ سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي به شامل آهن، خبردار ڪيو آهي ته آمريڪا جي ڪنهن به حملي سان “علائقائي جنگ” شروع ٿي ويندي.
تهران ۾ رٽائرڊ شخص علي حميدي اي ايف پي کي ٻڌايو ته هو جنگ جو ويٽرن آهي ۽ “جنگ کان نه ٿو ڊڄي”، پر هن چيو: “آمريڪا کي پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ گهرجي، اهو ڇو ٿو دنيا جي پوليس بڻجڻ چاهي؟” بهرحال، 68 ورهين جي علي حميدي اهو به چيو: “ايراني عملدار به عوام لاءِ سهولتون فراهم نه ڪرڻ جا ذميوار آهن. معاشي مشڪلاتون چيلهه ڀڃيندڙ آهن… عملدارن کي رڳو ڳالهائڻ بدران ڪو عملي قدم کڻڻ گهرجي.”
اهي احتجاج ڊسمبر جي آخر ۾ معاشي دٻاءَ سبب شروع ٿيا ۽ جنوري جي شروعات ۾ ڪجهه ڏينهن اندر شدت ۽ پيماني ۾ وڌي ويا.
اختيارين چيو آهي ته اهي احتجاج “فساد” هئا، جن کي آمريڪا ۽ اسرائيل جهڙن دشمنن ڀڙڪايو، جڏهن ته خامنه اي انهن کي “بغاوت” جي ڪوشش سان تشبيهه ڏني.
سفير طلب
تهران تسليم ڪيو آهي ته احتجاج دوران هزارين ماڻهو مارجي ويا، ۽ آچر تي صدارت 3,117 ڄڻن مان 2,986 ماڻهن جا نالا جاري ڪيا، جن بابت اختيارين چيو ته اهي بدامني دوران مارجي ويا.
اختيارين جو چوڻ آهي ته اڪثريت سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن ۽ بيگناهه رهواسين جي هئي، جڏهن ته تشدد جو ذميوار “دهشتگرد ڪاررواين” کي قرار ڏنو ويو.
هڪ نوجوان ايراني ڇوڪري سيلينا، جنهن پنهنجو پورو نالو ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو، “خوف ۾ جيئڻ” کان ڪجهه سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ عراقي ڪردستان وئي. 25 ورهين جي سيلينا اي ايف پي کي ٻڌايو: “ايران اسان لاءِ محفوظ ناهي.” هن چيو: “اسان 6 وڳي شام کان پوءِ ٻاهر نڪرڻ جي همت به نٿا ڪريون، ڇو ته هر هنڌ فوجي موجود آهن.”
سخت ڪارروائي کان پوءِ يورپي يونين اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (IRGC) کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو، جنهن جي جواب ۾ ايراني قانونسازن آچر تي يورپي فوجن کي به ساڳي فهرست ۾ شامل ڪيو.
يورپي يونين ايراني عملدارن، جن ۾ گهرو وزير به شامل آهي، تي نيون پابنديون لاڳو ڪيون، جڏهن ته سومر تي برطانيا به “مظاهرين خلاف بي رحمي” جي الزام هيٺ 10 ماڻهن تي پابنديون لڳائڻ جو اعلان ڪيو.
بقائي سومر تي چيو ته پرڏيهي وزارت ان فيصلي تي احتجاج طور تهران ۾ يورپي يونين جي سمورن ميمبر ملڪن جي سفيرن کي طلب ڪيو آهي، ۽ وڌيڪ جواب به ايندا.
ايراني سرڪاري ٽيليويزن اهو به اعلان ڪيو ته تهران ۾ “فسادن ۾ شرڪت” جي الزام هيٺ چار پرڏيهين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پر انهن جي قوميت ظاهر نه ڪئي وئي.
اختيارين گرفتاريون جاري رکڻ جو اعلان ڪندا رهيا آهن، جڏهن ته انساني حقن جي تنظيمن جو اندازو آهي ته احتجاجن دوران گهٽ ۾ گهٽ 40 هزار ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن۔










