ايران جي غير مشروط سرينڊر ۽ صلاح سان نئين قيادت جي فيصلي تائين معاهدو نه ٿيندو، ٽرمپ

ايران جي غير مشروط سرينڊر ۽ صلاح سان نئين قيادت جي فيصلي تائين معاهدو نه ٿيندو، ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جو اڄ جمعي تي ستون ڏينهن آهي ۽ ڌرين جا هڪٻئي تي حملا جاري آهن. ایران جي اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (IRGC) چيو آهي ته جمعي تي خيبر ميزائل تل ابيب ڏانهن فائر ڪيا ويا آهن، جيڪو ان جي ”آپريشن ٽرو پرامس 4“ جي 21هين لهر جو حصو آهي. هڪ بيان ۾، انقلابي گارڊ چيو ته نئين لهر حملن جو آغاز هڪ گڏيل ميزائل ۽ ڊرون آپريشن سان ٿيو آهي، جيڪو تل ابيب جي دل ۾ موجود هنڌن کي نشانو بڻايو ويو آهي.

غير مشروط سرينڊر ۽ صلاح سان نئين قيادت جو فيصلو

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ”غير مشروط سرينڊر کانسواءِ ايران سان ڪو به معاهدو نه ٿيندو“. پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي لکندي، ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ”ان کان پوءِ، ۽ هڪ عظيم ۽ قابل قبول ليڊرن جي چونڊ کان پوءِ، اسان ۽ اسان جا ڪيترائي شاندار ۽ تمام بهادر اتحادي ۽ پارٽنر، بيحد محنت سان ايران کي تباهيءَ جي ڪناري کان واپس آڻڻ لاءِ ڪم ڪنداسين، ان کي معاشي طور تي اڳ کان وڌيڪ وڏو، بهتر ۽ مضبوط بڻائينداسين.“

قم شهر جي صنعتي علائقن مان ماڻهو نڪري وڃن، اسرائيل

اسرائيل جي فوج ايران جي قم شهر جي شوڪوهيه صنعتي علائقي جي رهواسين کي فوري طور تي علائقو ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي. پنهنجي فارسي ٻوليءَ واري ايڪس (سابق ٽوئيٽر) پيج تي پوسٽ ۾، اسرائيل جي فوج علائقي جو نقشو شيئر ڪيو آهي، جنهن ۾ ريڊ لائينن سان نشان لڳايل زون آهي، جتي اهي ”ايندڙ ڪلاڪن ۾“ آپريشن ڪندا. ”توهان کي درخواست آهي ته فوري طور تي نقشي ۾ ڏيکاريل مخصوص علائقو ڇڏي ڏيو،“ اسرائيلي فوج چيو آهي. ”هن علائقي ۾ رهڻ توهان جي زندگيءَ کي خطري ۾ وجهي ٿو.“

آمريڪا ۽ اسرائيل جو پرائمري اسڪول تي حملو 

ايران جي پرڏيهي وزارت جو ترجمان اسماعيل بقائي آمريڪا ۽ اسرائيل تي تهران جي نيلوفر اسڪوائر ۾ هڪ پرائمري اسڪول تي حملو ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. ايڪس تي پوسٽ ۾، بقائي فوٽيج شيئر ڪئي آهي، جيڪا اسڪول جي ڪلاس رومز جي لڳي ٿي، جنهن ۾ دريون ٽٽل آهن ۽ وڏو ملبو پيل آهي. هن ڪنهن به فوتگي جو ذڪر ناهي ڪيو.

خمينيءَ جو ”زير زمين بنڪر“ تباهه   

اسرائيل جي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته 50 جهازن سان تهران ۾ هڪ ”زير زمين بنڪر“ تي حملو ڪيو ويو آهي، جيڪو مرحوم سپريم ليڊر لاءِ ٺاهيو ويو هو. هڪ بيان ۾، اهو چيو ويو ته اهو ڪمپائونڊ ”تهران جي مرڪزي علائقن جي سڄي گهٽين هيٺان پکڙيل هو“ ۽ ان ۾ ميٽنگ رومز شامل هئا، ۽ خمينيءَ جي قتل کان پوءِ به سينيئر حڪومتي آفيسر ان سهولت جو استعمال ڪري رهيا هئا.

ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو اهم بيان

صدر چيو آهي ته جيڪي ثالثي ڪرائڻ چاهين ٿا اهي جنگ شروع ڪندڙ، آمريڪا ۽ اسرائيل سان ڳالهائين. ايڪس تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته ”واضح ڪريون ٿا ته اسان علائقي ۾ پائيدار امن لاءِ پرعزم آهيون، پر اسان پنهنجي قوم جي عزت ۽ خودمختياريءَ جي دفاع ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نٿا ڪريون. ثالثي جون ڳالهيون انهن سان ٿيڻ گهرجن، جن ايراني ماڻهن کي گهٽ سمجهيو ۽ هن تڪرار کي باهه ڏني.“

ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملا جاري 200 ٽارگيٽس تي نشانو

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) اعلان ڪيو آهي ته گذريل 72 ڪلاڪن ۾ تقريبن 200 ايراني هدفن تي حملو ڪيو ويو آهي.سينٽ ڪام ڪمانڊر ايڊمرل بريڊ ڪاپر، ايران تي حملن بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته بي-2 بمبارن زمين ۾ ڳوڙها ڳاڙيندڙ درجنين بنڪر بسٽر بم تباهه ڪيا آهن. سينٽ ڪام ڪمانڊر چيو ته پهرين ڏينهن کان وٺي، ايراني بيلسٽڪ ميزائل حملن ۾ 90 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، ۽ آپريشن جو ايندڙ مرحلو ايران جي ميزائل پيداوار جي صلاحيت کي تباهه ڪرڻ تي ڌيان ڏيندو.

گرلز اسڪول تي حملو آمريڪي فورسز ڪيو، رائٽرز

ايران ۾ گرلز اسڪول تي حملو امريڪي فوج ڪيو آهي. اها ڳالهه آمريڪي فوج جي تحقيق دوران سامهون آئي آهي. پر اڃا تائين آخري نتيجو نه ڪڍيو ويو آهي يا پنهنجي تحقيق مڪمل نه ڪئي آهي، ٻن آمريڪي آفيسرن رائٽرز کي ٻڌايو آهي.

رائٽرز کي تحقيق بابت وڌيڪ تفصيل معلوم نه ٿي سگهيا، جن ۾ اهو به شامل آهي ته ابتدائي تشخيص ۾ ڪهڙي ثبوت مدد ڪئي، ڪهڙي قسم جو هٿيار استعمال ڪيو ويو، ذميوار ڪير هو يا آمريڪا اسڪول تي حملو ڇو ڪيو ويو؟  ياد رهي ته هن حملي ۾ 160 کان مٿي ٻارڙيون مارجي ويون هيون.

يهودين تي حملن جي رٿا بندي، لنڊن مان4 ايراني گرفتار 

ميٽرو پوليٽن پوليس موجب، لنڊن ۾ چار ماڻهن کي ايران سان لاڳاپيل هڪ دهشتگردي مخالف تحقيق جي سلسلي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.  پوليس هڪ ايراني ۽ ٽن ٻٽي برطانوي-ايراني شهريت رکندڙن کي غير ملڪي انٽيليجنس سروس جي مدد ڪرڻ جي شڪ تي گرفتار ڪيو آهي.

جاچ لنڊن ۾ يهودي برادرين سان لاڳاپيل هنڌن ۽ ماڻهن جي مشتبہ نگراني سان لاڳاپيل آهي، ميٽرو پوليس چيو آهي.  بارنيٽ مان 40 سالن جو ۽ 55 سالن جا ٻه ڄڻا گرفتار ڪيا ويا، واٽفورڊ ۾ 52 سالن جو ۽ هيرو ۾ 22 سالن جي شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هيرو جي ساڳئي هنڌ تي ٻيا 6 مرد، جن جي عمر 29، 39، 42، 49 ۽ ٻه 20 سالن جا هئا، مجرم جي مدد ڪرڻ جي شڪ تي گرفتار ڪيا ويا.

ايراني حملي ۾ مناما ۾ ٻه هوٽل ۽ هڪ رهائشي عمارت کي نشانو بڻايو ويو، بحرين

بحرين جي گهرو وزارت چيو ته ايراني حملي ۾ ملڪيت کي نقصان پهتو، پر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

ايران جنگ جي ڪري آمريڪا تيزي سان پنهنجا هٿيارن جا ذخيرا ختم ڪري پيو، اينٽوني بلنڪن

اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن ايران جنگ تي ٽرمپ انتظاميه تي سخت تنقيد ڪئي. هن چيو ته آمريڪا ايران جنگ جي ڪري تيزي سان پنهنجا هٿيارن جا ذخيرا ختم ڪري رهيو آهي، ۽ ان ڪري چين يا روس جي مقابلي ۾ آمريڪا جي پوزيشن ڪمزور ٿي رهي آهي.

اسان هڪ ڊگهي جنگ جي تياري ڪري رهيا آهيون، پاسداران انقلاب

انقلابي گارڊز جي ترجمان جنرل علي محمد چيو ته جلد ئي اسان اسٽريٽجڪ هٿيار سامهون آڻينداسين جيڪي اڳ ڪڏهن به استعمال نه ڪيا ويا آهن، دشمن کي هڪ ڏکوئيندڙ حملي لاءِ تيار رهڻ گهرجي، اڃا تائين هٿيارن جو صرف هڪ ننڍڙو حصو استعمال ڪيو ويو آهي. انقلابي گارڊز اسرائيلي گادي واري هنڌ تل ابيب تي ڪلسٽر بمن سان ليس خيبر-شڪن ميزائلن سان حملو ڪيو. انقلابي گارڊز جي ترجمان هڪ بيان ۾ اعلان ڪيو ته اسرائيل خلاف حملا آخر تائين جاري رهندا.

هاڻي تائين 30 کان وڌيڪ ايراني جهاز تباهه ٿي چڪا آهن، سينٽڪام ڪمانڊر

سينٽڪام ڪمانڊر ايڊمرل بريڊ ڪاپر، ايران تي حملن بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته ايران جي بيلسٽڪ ميزائل حملن ۾ پهرين ڏينهن کان 90 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. ايندڙ مرحلي ۾، ايران جي ميزائل پيداوار جي صلاحيت تباهه ڪئي ويندي.

هن وقت ايران ۾ آمريڪي زميني فوج موڪلڻ تي غور ڪرڻ وقت جو ضايع هوندو، ٽرمپ

آمريڪي ٽي وي سان هڪ انٽرويو ۾، صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو هن وقت ايران ۾ آمريڪي فوج موڪلڻ جو سوچي نه رهيو آهي. هن وقت ايران ۾ آمريڪي زميني فوج موڪلڻ تي غور ڪرڻ وقت جو ضايع هوندو.ٽرمپ چيو ته ايران پنهنجي بحري فوج وڃائي ڇڏي آهي، انهن اهو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو آهي جيڪو اهي وڃائي سگهن ٿا ۽ اهڙي صورتحال ۾، ايراني پرڏيهي وزير لاءِ اهو چوڻ بيوقوفي آهي ته ايران آمريڪي زميني حملي لاءِ تيار آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ چيو آهي ته اسان جنگ ۾ ايران کان وڌيڪ سنجيده آهيون ۽ اسان پهريان ايران کي تباهه ڪرڻ چاهيون ٿا.وائيٽ هائوس ۾ ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته اسان وٽ ايران تي حملو ڪرڻ کان سواءِ ڪو به آپشن نه هو، ايراني بحريه کي مڪمل طور تي تباهه ڪيو، ايران جي ميزائل ۽ ڊرون صلاحيتن کي به ختم ڪيو پيو وڃي، اسان هر ڪلاڪ ايران جي ميزائل ۽ ڊرون صلاحيتن کي گهٽائي رهيا آهيون.ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ايران وٽ هاڻي هوائي فوج يا هوائي دفاعي نظام ناهي، جڏهن ته انهن جا سڀئي جهاز تباهه ٿي چڪا آهن.

آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار، حوثي اڳواڻ

حوثي اڳواڻ عبدالمالڪ الحوثي خبردار ڪيو ته اهي صورتحال مطابق فوري طور تي جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهن. اسان جي آڱر ٽرگر تي آهي، اسان ڪنهن به وقت حملو ڪري سگهون ٿا.

اسرائيلي فوج جو بيروت ۾ حزب الله جي پوزيشن تي حملو

لبناني سرڪاري ميڊيا بيروت تي اسرائيلي حملي جي تصديق ڪئي.اسرائيلي فوج موجب، دحيا ۾ حزب الله جي انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻايو پيو وڃي. حملي کان اڳ علائقي جي رهواسين کي خالي ٿيڻ جي وارننگ پڻ جاري ڪئي وئي هئي.ان دوران، لبنان جي صحت واري وزارت چيو ته هن هفتي اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ماڻهن جو تعداد 123 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 683 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.

آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي باوجود، ايراني حڪومت مضبوط آهي، آمريڪي اخبار

آمريڪي اخبار موجب، آمريڪي ۽ اسرائيلي ڪارروائيون ايراني حڪومت کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن، ايران ۾ حڪومت خلاف بغاوت جا ڪي به نشان نه آهن، ۽ ايراني سرڪاري عملدارن ۾ بغاوت جون ڪي به رپورٽون نه آهن.

برطانوي وزيراعظم لاءِ جنگ ۾ حصو نه وٺڻ ۽ عراق جنگ مان سبق سکڻ سٺو آهي، صادق خان

لنڊن جي ميئر صادق خان، جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته برطانيه جون ٻيون سياسي پارٽيون آمريڪا سان جنگ ڪرڻ چاهين ٿيون.

عراقي ڪردستان ۾ آمريڪي ڪمپني جي آئل فيلڊ تي ڊرون حملو

سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڊرون حملي کان پوءِ آئل فيلڊ ۾ باهه لڳي وئي. اهو حملو عراقي ڪردستان جي شهر دوهوڪ ۾ واقع هڪ آئل فيلڊ تي ڪيو ويو.

اسرائيل پاران ايراني هوائي دفاعي نظام کي تباهه ڪرڻ جو دعويٰ

اسرائيل اصفهان ۾ جهاز کي نشانو بڻائيندڙ ايراني هوائي دفاعي نظام کي تباهه ڪرڻ جو دعويٰ ڪيو آهي، ۽ ايراني شهر قم ۾ هڪ بيلسٽڪ ميزائل لانچر کي به نشانو بڻايو آهي.

اسرائيلي ۽ آمريڪي حملي ۾ ايران ۾ 13 صحت مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو آهي، عالمي صحت تنظيم

عالمي صحت تنظيم جي مطابق، آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ 4 ايراني صحت ڪارڪن شهيد ۽ 25 زخمي ٿيا. اسرائيل لبنان ۾ هڪ صحت مرڪز کي به نشانو بڻايو.

ايران جنگ جي شروعات ۾ اردن، قطر، يو اي اي ۾ دفاعي نظام ۽ جاسوسي ڊوائيسز کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو: رپورٽ

آمريڪي ٽي وي سيٽلائيٽ تصويرن جي مدد سان ايران جي وڏين فوجي ڪاميابين جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته ايران جنگ جي شروعات ۾ اردن ۾ جديد ترين THAAD دفاعي نظام جي ريڊار کي تباهه ڪري ڇڏيو هو.آمريڪي ٽي وي موجب، ايران مواصلات، ريڊار ۽ جاسوسي سامان سان هوائي دفاع کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.رپورٽ موجب، ايران گڏيل عرب امارات ۾ ٻن هنڌن تي THAAD ريڊار تي پڻ حملو ڪيو، پر جيئن ته اماراتي ريڊار عمارت جي اندر هئا، ان ڪري صحيح نقصان جو اندازو لڳائڻ ممڪن ناهي.آمريڪي ٽي وي موجب، THAAD دفاعي نظام جي قيمت 500 ملين ڊالر آهي.رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ايران قطر جي شروعاتي خبرداري ريڊار سسٽم کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

ايران جي ترڪي ۽ آذربائيجان کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش جي مذمت

سعودي پرڏيهي وزارت اهڙن ڪاررواين کي خطي جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ خطرو قرار ڏنو ۽ چيو ته ايراني ڪارروايون بين الاقوامي قانونن ۽ اصولن جي خلاف آهن. سعودي عرب ترڪي ۽ آذربائيجان جي حڪومتن ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.

ٽرمپ انتظاميه ايران ۾ زميني فوج موڪلڻ تي اختلاف جو شڪار

روسي ميڊيا موجب، جنگ جي سيڪريٽري هيگسيٿ ۽ پرڏيهي وزير روبيو ايران خلاف زميني ڪارروائي تي اختلاف ۾ آهن.رپورٽ موجب، مارڪو روبيو ايران جنگ کي طول ڏيڻ جي خلاف آهي، جڏهن ته پيٽ هيگسيٿ زميني فوج موڪلڻ تي زور ڏئي رهيو آهي.

خامنه اي جي جانشين لاءِ اڳوڻي صدر حسن روحاني جو نالو غور هيٺ

ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل حملي ۾ سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي قتل کان پوءِ، نئين سپريم ليڊر جي چونڊ جو معاملو هن وقت غور هيٺ آهي.هڪ طرف، شهيد آيت الله علي خامنه اي جي پٽ ۽ انقلابي گارڊ جي حمايت سان مجتبيٰ حسيني خامنه اي جو نالو سامهون آيو آهي. بهرحال، ماهرن جي اسيمبلي کي سندس چونڊ تي تحفظات آهن ڇاڪاڻ ته اهو موروثي جانشيني کي ناپسند ڪري ٿو. اهڙي صورتحال ۾، اڳوڻي صدر حسن روحاني جو نالو ٻيهر بحث هيٺ آهي.

ثالثي جون ڪوششون انهن ملڪن پاران ٿيڻ گهرجن جن ان کي شروع، ايراني صدر

ايراني صدر مسعود پيشمرگا جو چوڻ آهي ته موجوده جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ ثالثي جون ڪوششون انهن ملڪن ڏانهن هدايتون ڪيون وڃن جن تڪرار شروع ڪيو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾، ايراني صدر چيو ته ڪجهه ملڪن ثالثي جون ڪوششون شروع ڪيون آهن.مسعود پيشمرگا چيو ته ايران خطي ۾ امن لاءِ سنجيده آهي، پر ملڪ جي خودمختياري ۽ وقار جو دفاع ڪرڻ ۾ ڪو به هٻڪ نه ڪندو.هن چيو ته اهو واضح هجڻ گهرجي ته اسان خطي ۾ مستقل امن حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، پر پنهنجي قوم جي وقار ۽ خودمختياري جو دفاع ڪرڻ ۾ ڪو به هٻڪ نه ڪنداسين. ثالثي انهن ڌرين ڏانهن هدايتون ڪيون وڃن جيڪي ايراني عوام کي ڪمزور سمجهن ٿا ۽ هن تڪرار کي ڀڙڪايو.

پهنجو تبصرو موڪليو