ايران جي معيشت کي مغربي ملڪن جي خواهشن سان نه ڳنڍيو وڃي

تهران (ويب ڊيسڪ)ايران جي صدر ابراهيم رئيسي چيو آهي ته اسان ملڪ جي معيشت کي مغربي ملڪن جي خواهشن سان نه ڳنڍي رهيا آهيون.پرڏيهي ميڊيا موجب اڱاري ڏينهن راڄڌاني تهران ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي ابراهيم رئيسي چيو ته ايران 2015ع جي جوهري معاهدي جي بحالي لاءِ ڳالهين ذريعي پابنديون ختم ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکي ٿو.ايراني صدر چيو ته دشمن ٻن حڪمت عملي تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هڪ ايران کي دنيا کان اڪيلو ڪرڻ ۽ ٻيو ايراني قوم جي حوصلا افزائي ڪرڻ، پر هو انهن ٻنهي حڪمت عملين ۾ ناڪام ٿيا آهن ۽ هو ايران کي اڪيلو ڪري نه سگهيو. هن وڌيڪ چيو ته اڀرندڙ ملڪن سان اتحاد آمريڪا جي هڪ طرفي تسلط کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ سٺو موقعو آهي.ايراني صدر چيو ته حڪومت ايران جي معيشت تي ڊالر جو اثر گهٽائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو