گهر جي ڇت ڪرڻ سبب، 8 ٻارن سميت ماءُ فوت

ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ)ايبٽ آباد ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 9 ڄڻا فوت ٿي ويا.ريسڪيو ذريعن موجب ايبٽ آباد جي ڳوٺ تريري ۾ شارٽ سرڪٽ سبب گهر کي باهه لڳي وئي.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب ڪچي گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 9 ڄڻا دٻجي ويا.ريسڪيو ذريعن موجب مقامي ماڻهن پنهنجي مدد سان 9 ڄڻن جا لاش ملبي مان ڪڍيا.ريسڪيو ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته فوتين ۾ هڪ ماءُ ۽ 8 ٻار شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو