او آءِ سي ٽرمپ جو وچ اوڀر وارو امن منصوبو رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسلامي تعاون جي تنظيم (او آءِ سي) طرفان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان وچ اوڀر بابت پيش ڪيل امن منصوبي جي مخالف ڪندي رد ڪري ڇڏيو آهي. او آءِ سي جو اجلاس فلسطيني قيادت جي درخواست تي سعودي عرب جي شهر جده ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ چيو ويو ته سڀني ملڪن جا ميمبر ان منصوبي جي نفاذ ۾ ڪنهن به قسم جو آمريڪا جو ساٿ نه ڏيندا ۽ نه ئي ان سلسلي ۾ ڪو تعاون ڪيو ويندو. او آءِ سي جو اهو اجلاس عرب ليگ طرفان ٽرمپ جي نام نهاد ڊيل آف سنچري کي رد ڪرڻ جي ٻن ڏينهن بعد منعقد ڪيو ويو جنهن جو موقف هو ته ٽرمپ جي پاليسي فلسطيني عوام جي جائز حقن ۽ خواهشن جي خلاف آهي. ياد رهي ته ٽرمپ وائيٽ هائوس کان اسرائيلي وزيراعظم سان گڏ بيهي اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ جهيڙي جو حل پيش ڪندي ان پاليسي جو اعلان ڪيو ۽ چيو هو ته اهو منصوبو اسرائيل ۽ فلسطين لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.  ٽرمپ وڌيڪ چيو هو ته اهو منصوبو ٻنهي ملڪن جي حالتن ۾ بهتري آڻيدو ۽ فلسطينين سان واعدو ڪيو هو ته انهن کي هڪ الڳ رياست ڏني ويندي جنهن جو گادي جو شهر يروشلم (بيت المقدس) ڀرسان موجود علائقو ابوديس هوندو. ان کان علاوهه ٽرمپ اهو به چيو هو ته يروشلم اسرائيل جو غير منقسم گادي جو شهر هوندو. فلسطين جي قيادت ٽرمپ جي ان منصوبي کي پهرين ڏينهن ئي رد ڪندي چيو هو ته اها سراسر اسان جي خودمختياري خلاف آهي ۽ اسرائيل جي حق ۾ آهي. ياد رهي ته او آءِ سي دنيا ۾ اقوام متحده کان پوءِ ٻي سڀ کان وڏي بين الحڪومتي تنظيم آهي جنهن جي ميمبرن ملڪن جي مجموعي آبادي 1.8 ارب کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته ان تنظيم جا ميمبر تقريبن مسلمان ملڪ آهي ان کان علاوهه اهڙا ملڪ به ان جا ميمبر آهن جتي مسلمان اڪثريت ۾ آهن جنهن ۾ آفريقي ۽ ڏکڻ آمريڪي رياستون شامل آهن. ٻئي طرف ايران الزام لڳايو آهي ته سعودي عرب ان جي سرڪاري وفد کي ان اجلاس ۾ شرڪت کان روڪيو آهي. ايران جي دفتر خارجا جي ترجمان جو چوڻ هو ته سعودي حڪومت ڇڪتاڻ سبب ايراني وفد کي او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت کان روڪيو آهي جڏهن ته ايران ٽرمپ جي ان پاليسي جي سخت مخالفت ڪري ٿو جڏهن ته سعودي انتظاميه ان تي ڪو به موقف ناهي ڏنو. ٽرمپ جي ان منصوبي تي ڪجهه مبصرين جو چوڻ آهي ته ان ردعمل سان عرب ملڪن ۾ ڏڦيڙ پئجي سگهجي ٿو يا ته هو رت سان رڱيل فلسطينين جو ساٿ ڏين يا پنهنجي معاشي ۽ سياسي فائدن کي نظر ۾ رکندي آمريڪا سان بهتر تعلقات قائم رکڻ کي ترجيح ڏيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو