اوپو پاران انٽري ليول جو هڪ نئون فون متعارف ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اوپو اي سيريز جي هڪ ٻي انٽري ليول سمارٽ فون کي متعارف ڪرايو آهي. اوپو اي 16 کي جولاءِ 2021ع ۾ پيش ڪيو ويو هو ۽ هاڻ اي 16 ايس کي متعارف ڪرايو ويو آهي. بنيادي طور تي ان ۾ ڪجهه به نئون ناهي بس رڳو هڪ اين ايف سي چپ جي واڌ ڪئي وئي آهي. فون جي انر ميڊيا ٽيڪ جو هيليو جي 35 پراسيسر موجود آهي جنهن ۾ 8 ڪورٽيڪس اي 53 ڪمپيوٽنگ ڪورز موجود آهي جڏهن ته ڪلاڪ اسپيڊ 2.3 گيگا هرٽز تائين آهي. فون جي ڊسپلي 6.5 انچ آهي جنهن ۾ ايڇ ڊي پلس ريزولوشن موجود آهي پر پينل جو ريفريش ريٽ 60 هرٽز آهي. فون جي فرنٽ تي واٽر ڊراپ نوچ ۾ 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا لڪيل آهي. اوپو اي 16 ايس ۾ 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ ذريعي اضافو ڪري سگھجي ٿو. بلوٽوٿ 5.0، هيڊ فون جيڪ ۽ 5000 ايم اي ايڇ بيٽري ان فون جو حصو آهن. اها فون 3 بيڪ ڪيمرائن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ مين ڪيمرا 13 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 2،2 ميگا پڪسل جون ٻيون ڪيمرائون آهن. اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم کي ڪمپني جي پنهنجي ڪلر او ايس 11.1 سي سان ليس ڪيو ويو آهي. ان فون کي سڀ کان اڳ نيدرلينڊ ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي ۽ ان جي قيمت 149 يورو (28 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو