اوٻاوڙو، ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 3 ڄڻا چيڀاٽجي فوت

اوٻاوڙو (ن س )ويجهو چوڪماڙي روڊ حادثو ٿيو آهي . اوٻاوڙو لڳ سونڻ شاخ جا رهواسي 3 ڄڻا چيڦاٽجي موقعي تي فوت ٿي ويا آهن اوٻاوڙو تفصيل موجب سونڻ شاخ جا رهواسي 3 ڄڻا اوٻاوڙو کان ڪمون شهيد وڃي رهيا هئا ته اچانڪ موٽر سائيڪل سلپ ٿي پئي جن مٿان سنڌ کان پنجاب ويندڙ ٽرڪ موٽر سائيڪل سوارن عاشق عالماڻي.عبدالمالڪ ملڪ .پهلوان دونڌو مٿان چڙهي وئي جيڪي موقعي تي چيڦاٽجي فوت ٿي ويا اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس ۽ موٽر وي پوليس موقعي تي پهچي. علائقي واسين جي مدد سان چيڦاٽجي ويل لاش ايمبولنس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيا ويا ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو. گاڏي کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو اطلاع بعد فوتين جي گهر ۾قهرام مچي ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو