انگلينڊ پاڪستان لاءِ چئلينج بڻجي سگهي ٿو: عماد

لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽر عماد وسيم جو چوڻ آهي ته انگلينڊ پاڪستان لاءِ چئلينج بڻجي سگهي ٿو.عماد وسيم چيو ته افغانستان کي سيمي فائنل ۾ اڃا به موقعو آهي ۽ انگلينڊ پاڪستان لاءِ چيلنج بڻجي سگهي ٿو.پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته شاهين آفريدي پرفارم نه ڪيو ته پاڪستان تي دٻاءُ پوندو.ان کان علاوه اڳوڻي ڪرڪيٽر عبدالرزاق دعا ڪئي ته اسان سيمي فائنل تائين پهچون.

پهنجو تبصرو موڪليو