انڊر 19 ڪپ ۾ پاڪستان جي ڀارت کي 43 رنز تان شڪست

انڊر 19 ڪپ ۾ پاڪستان جي ڀارت کي 43 رنز تان شڪست

دبئي(ويب ڊيسڪ)انڊر 19 ايشيا ڪپ 2024ع ۾ پاڪستاني ٽيم فاتحانه شروعات ڪندي روايتي حريف ڀارت کي 43 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. دبئي ۾ کيڏيل ميچ دوران ڀارتي ٽيم قومي انڊر 19 ٽيم پاران ڏنل 282 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي پاڪستان 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصانتي 281 رنز ٺاهيون.. پوري ڀارتي ٽيم 48 اوورن ۾ 238 تي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستاني اوپنرز عثمان خان ۽ شاهزيب خان پهرين وڪيٽ جي شراڪت ۾ 160 رنسون ٺاهيون. شاهزيب 147 بالن تي 10 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 159 رنسون ٺاهيون جڏهن ته عثمان خان 60 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ ڀارتي ٽيم 48 اوورن ۾ 237 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جنهن ۾ نخل ڪمار 77 بالن تي 67 رنسون ٺاهي ڀارت جي ٽاپ اسڪورر رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو