اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد جي ضمانت منظور ڪندي نيب سان جاچ ۾ تعاون جي هدايت ڪئي آهي. جسٽس مشر عالم ۽ قاضي امين تي مشتمل بينچ آڏو منير اي ملڪ پيش ٿيو. جنهن چيو ته انور مجيد بيمار آهي ڊاڪٽرن کيس برطانيه يا آمريڪا مان آپريشن جي تجويز ڏني آهي. عدالت چيو ته ٻاهر وڃڻ کي ڀلجي وڃو، پاسپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرايو ۽ 10 ڪروڙ جو بانڊ به جمع ڪرايو. ياد رهي ته آصف علي زرادري ۽ فريال ٽالپور، انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني مجيد جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ نامزد جوابدار آهن ۽ انور مجيد تي 4 ارب روپين جي گهپلي جو الزام آهي.










